اسلام آباد( بيورو+ م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي گورنر هائوس اسلام آباد ۾ رکيل بلاڪ کي ختم ڪيو ويو آهي.ڪي پي ڪي جي سڌ سماءُ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته صوبائي وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي رهائش جو مسئلو آهي، جنهن ڪري ان بلاڪ کي حال فلال صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ۽ وزير استعمال ڪندا، گورنر لاءِ متبادل رهائش جو بندوبست ڪيو پيو وڃي. بئريسٽر سيف وڌيڪ چيو ته گورنر کي في الحال سنڌ هائوس ۾ رهڻ جو بندوبست ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته هو ڪنهن سان به دوريون وڌائڻ نٿا چاهين، هو ڪنهن جي به گورنر هائوس ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي نه لڳندا.