ڪراچي ۾ پوليس ۽ شهرين پاران مقابلا، 3 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي سپر هاءِ وي جمالي پل وٽ فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شهري مارجي  ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، واقعي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا. پوليس موجب مارجي ويل نوجوان سندس ڀاڻج آهي ۽ زخمي سندس مامو آهي، مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ نهال ۽ زخمي جي سڃاڻپ اياز طور ٿي آهي.ٻئي ڄڻا گلشن معمار کان واپس اچي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل سوار جوابدارن کين روڪيو ۽ ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي طرف ڪراچي جي ابراھيم حيدري ٿاڻي جي حد ڪورنگي ڪوسٽ گارڊ چورنگي جي ڀرسان ڦر دوران فائرنگ ۾ ڦورو مارجي ويو ۽ شھري زخمي ٿي پيو. ايڌي ايمبولينس جي ذريعي مارجي ويل ڦورو جو لاش ۽ زخمي شھري کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي مارجي ويل ملزم جي لاش جي سڄاڻپ ناھي ٿي سگهي ۽ زخمي شھري جي ڪامران ولد تاج الدين جي نالي سانطٿي آهي . هوڏانهن  ڪراچي جي صنعتي علائقي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد سيلاني ويلفيئر وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڦورو زخمي ٿي پيا. ان حوالي سان پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ارسلان نالي پوليس اهلڪار چمڙا چورنگي وٽان گذري رهيو هو ته 3 ڦورن اهلڪار کي ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي. پوليس اهلڪار ارسلان پنهنجي ذاتي پستول سان ڦورن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾2  ڦورو زخمي ٿي پيا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.