آمرن ۽ غدارن سان حساب ڪتاب ڪرڻ جون ڳالهيون!

تحرير: علي محمد ميمڻ

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ان وقت غير معمولي صورتحال پيدا ٿي ويئي جڏهن،  ملڪ تي پهرين مارشل لاءِ  لاڳو ڪندڙ آمر ، مارشل لاءِ  ايڊمنسٽريٽر، فيلڊ مارشل ايوب خان ۽ ملڪ جي هڪ ٻئي بدترين آمر جنرل ضياءُ  الحق جي آمريتن ۽ انهن دورن ۾ ملڪ تي پنهنجي ڏاڍ جو نظام مڙهڻ ۽ ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان پهچائڻ تي آمرن سان حساب ڪتاب ڪرڻ ۽ انهن تي آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس داخل ڪري سندن لاش قبر مان ڪڍي کين ڦاسي جي سزا ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ويا.

وفاقي حڪومت جي بچاءُ واري وزير خواجه آصف ۽ مخالف ڌر پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي آمر جنرل ايوب خان جي ننڍي پٽ، عمر ايوب خان جي پارليمان جي هن ايوان ۾ پنهنجن  ڪيل خطابن ۾ ٻنهي ڌرين جي اڳواڻن طرفان نه صرف هڪٻئي تي ڇوهه ڇنڊيا ويا ۽ نه صرف هڪٻئي کي لوڻي لاٿو پر ٻنهي ڌرين طرفان ايوان ۾ هڪٻئي جا ڪچا چٺا پڻ کولي رکي ڇڏيا ويا، جنهن  بعد قومي اسيمبلي جي ايوان ۾  سخت گوڙ مچي ويو. ايوان ۾ افراتفري واري انهيءَ  صورتحال ۾ ايوان جي ڪارروائي ڪيترائي ڀيرا معطل ٿيندي رهي پر هن ايوان ۾ جنهن کي جيڪي ڪجهه چوڻو هو اهو چيو ويو ۽ جنهن کي به جيڪو به بيان ڏيڻو هو اهو کليل نموني بيان ڪيو ويو . ايوان ۾آمرن کي غدار قرار ڏيڻ ۽ انهن خلاف آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلائڻ ۽ غدارن  جي لاشن کي ڦاهي ڏيڻ جا مطالبا ڪيا ويا.

پارليامان جي هن گرما گرم اجلاس ۾ ملڪ ۽ قوم کي اهو گهڻو ڪجهه ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جا پڻ خوب موقعا  مليا جنهن بابت ڳالهيون بند ڪمرن ۽ نجي محفلن ۾ ته ٿينديون رهنديون هيون ۽ ملڪ جي سنڌي اردو ۽ انگريزي اخبارن ۽ ٽي وي چينلن تي ملڪ جي انهيءَ  خوفناڪ ۽ هاڃيڪار  تاريخ بابت ڳالهيون ۽ تحريرون تمام محتاط ۽ ڳجهارتن واري صورت ۾ بيان ضرور ڪنديون وينديون هيون پر پارليامان جي ايوانن ۾ اهڙي قسم جا معاملا تمام گهٽ اٿاريا ويندا رهندا هئا پر هن ڀيري شينهن واري جماعت مسلم نواز جي وفاقي بچاءُ واري وزير خواجه آصف طرفان پنهنجي اڳواڻن ۽ جماعت جي جنرل ضياءُ الحق سان  پراڻي تعلق واري ماضي جي تاريخ تي پنهنجي جماعت ۽ قيادت طرفان اڳ ئي قوم کان معافي گهرڻ جو بار بار ورجاءُ ڪيو ويو  ۽ جنرل ايوب خان جي پٽ عمر ايوب خان پنهنجي نظر ايندڙ حالت ۾ وفاقي دفاع واري وزير طرفان ايوان ۾ اٿاريل معاملي تي  پاڻ کي پهتل تمام گهڻي صدمي واري ڪيفيت جو شڪار ضرور نظر آيو پر هن طرفان پنهنجي والد جي ملڪ تي لڳايل مارشل لاءِ  تي ڪنهن شرمساري جو ڪوبه اظهار نه ڪيو ويو پر مخالفن تي پنهنجي سخت ڪاوڙ  ۽ مسلم ليگ نواز تي تمام گهڻا ڇوهه ڇنڊڻ جو ضرور مظاهرو ڪيو ويو.اهڙي ريت، ايوان جو هي اجلاس پنهنجي خاص نوعيت جي حوالي سان تمام گرما گرم رهيو ۽ هن ۾ سڀ کان بهتر ڳالهه اها ٿي ته آمر ۽ آمريتن جي خاص ڌرين کي قوم جي سامهون ڏٺو ٿيڻو پيو. پر تنهن هوندي به ايوان ۾ آمرن تي تنقيد ۽ انهن جي هٿان تيار ٿيل ليڊرن ۽ فائدا حاصل ڪندڙ ڌرين بابت پڻ وڌ ۾ وڌ معلومات پارلياماني رڪارڊ جو حصو بنجي ويئي.

قومي اسيمبلي جي گذريل اجلاس ۾ ملڪ جي سياست جي هڪ جمهوري اڳواڻ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جو پڻ ذڪر  وڏي عزت ۽ احترام سان ڪيو ويو ۽ جنرل ضياءُ  جي آمريت ۾ عوام جي محبوب ليڊر ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ملڪ تي يارنهن سال قيامت جهڙي مارشل لاءِ  لاڳو ڪري سموري ملڪ کي جنهن تباهي ۽ بربادين جو شڪار ڪيو ويو ملڪ اڃا تائين ان دور جي حالتن مان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي پر ملڪ جي اندر ۽ خطي ۾ جيڪا دهشت گردي ۽ بدامني جاري آهي ان جي بنياد وجهندڙ ۾ پڻ آمر جنرل ضياءُ  الحق جو بنيادي ڪردار هو. هن آمر طرفان نه صرف احسان فراموشي جي  بدترين مثال قائم ڪندي پنهنجي محسن وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان ويساهه گهات ڪيو ويو ۽ سندس حڪومت جو خاتمو ڪرڻ بعد هن عظيم عوامي ليڊر کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ ۾ پڻ بنيادي ڪردار ادا ڪيو ويو ۽ سموري دنيا جي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي آزاد ڪرڻ ۽ ڦاسي نه ڏيڻ جي گهر ۽ اپيلن کي ٻڌڻ بجاءِ  انتقام واري انڌ جي گهوڙي تي سوار  ٿي ايشيا جي هن عظيم عالمي اڳواڻ کي ڦاسي جي سزا ڏيارڻ وارو شيطاني ڪم ڪيو پر اڳتي هلي پاڻ به عوام ۽ خدا تعلي جي غيظ ۽ غضب جو شڪار ٿي دنيا لاءِ  عبرت جو مثال بنجي ويو. قومي اسيمبلي جي هن ايوان جي گذريل اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل هن ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کي عدالتي قتل قرار ڏنو ويو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي هيرو قرار ڏيڻ جي قرارداد پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن قومي اسيمبلي ۾ سينيٽ آف پاڪستان ۾ منظور ڪيون ويون.

خوشي واري ڳالهه آهي ته، ملڪ ۾ جمهوري سرشتو گذريل 25 سالن کان لڳاتار جاري رهڻ ڪري ملڪ ۾ عوامي سطح تي طاقت ۽ استحڪام وڌيو آهي. ان عمل ڪري سوچ ويچار، گفتگو، ميڊيا ۽ عوام جي آزادين جي حوالي سان ضرور آزاديون بحال رهنديون پيون اچن ۽ عوام ۾ جمهوريت جي حق ۾ راء عامه لڳاتار سگهاري ٿي رهي آهي. ملڪ جي سياسي انتشار ۽ معاشي گهوٽالن واري بدترين صورتحال ۾ به بهتري جون اميدون قائم آهن ۽ چونڊن ذريعي عوامي حڪومتون قائم ٿي رهيون آهن ۽ ملڪ ۽ ملڪ جي قومن لاءِ  بهتري ۽ عوام جي حقن جي داد رسي وارا ادارا سگهارا ٿي رهيا آهن. دلين ۽ ڪمرن جون ڳالهيون هاڻي کليل نموني ملڪ جي اعلي ايوانن ۾ ٿي رهيون آهن ۽ قومي نوعيت جا معاملا پارليامينٽ جي ايوانن ۾ رڪارڊ تي اچي عوام جو هٿيار بنجي رهيا آهن ۽ انهن ايوانن ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ملڪ ۽ دنيا جي اخبارن ، ٽي وي چينلن ۽ سوشل ميڊيا وارن وسيلن ۽ اڏام وارن پرن ذريعي پکڙجي وڌيڪ طاقتور  بنجي رهيون آهن.

پارليامان ۽ ميڊيا جي ادارن ذريعي ٿيندڙ اهي ڳالهيون يقينن عوام جي معلومات ۾ اضافو ڪرڻ ۽ قوم ۽ ملڪ جي ذهن سازي ، عمل ۽ ردعمل پيدا ڪرڻ جو پڻ ڪارگر ذريعو ۽ وسيلو بنجي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ  فيصلا ڪرڻ۽ قدم کڻڻ لاءِ  وڌيڪ سازگار ۽ ڪارگر ماحول پيدا ٿي رهيو آهي. آمرن ۽ ظالمن سان حساب ڪتاب ڪرڻ واريون ڪارروائيون ملڪ جو عوام عام چونڊن واري پنهنجي هٿيار ذريعي ضرور  ڪندو پيو اچي پر ان کان علاوهه جمههوري ۽ عوامي ادارن ۽ ايوانن جي نتيجي ۾ ملڪ جي عدالتن  جي آزادي  ۽ عوام سان لاڳاپيل ميڊيا جا ادارا  وڌيڪ سگهارا ٿي رهيا آهن . اخبارن ، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي سگهه ۽ طاقت عوام جي طاقت وڌائڻ ۽ مظلومن جو هٿيار بنجڻ،  قانون ۽ انصاف جي حق ۽ داد رسي لاءِ  ڪارگر ۽ فائديمند پڻ بڻجي رهيا آهن .

خوشي واري ڳالهه آهي ته، ملڪ ۾ جمهوري سرشتو گذريل 25 سالن کان لڳاتار جاري رهڻ ڪري ملڪ ۾ عوامي سطح تي طاقت ۽ استحڪام وڌيو آهي، دلين ۽ ڪمرن جون ڳالهيون هاڻي کليل نموني ملڪ جي اعلي ايوانن ۾ ٿي رهيون آهن ۽ قومي نوعيت جا معاملا پارليامينٽ جي ايوانن ۾ رڪارڊ تي اچي عوام جو هٿيار بنجي رهيا آهن ان کان علاوهه جمهوري ۽ عوامي ادارن ۽ ايوانن جي نتيجي ۾ ملڪ جي عدالتن  جي آزادي  ۽ عوام سان لاڳاپيل ميڊيا جا ادارا  وڌيڪ سگهارا ٿي رهيا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.