ملتان (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت کان فوري طور استعيفيٰ ۽ نين چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اهڙيون چونڊون چاهيون ٿا، جن ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪو ڪردار نه هجي.
هن چيو ته ڪو ٻيو ڪير ٿيندو آهي مون کي وزارت عظميٰ يا وزارت اعليٰ جي آڇ ڪرڻ وارو، اهو نٿو ٿي سگهي ته اسٽيبلشمينٽ ملازم به هجي ۽ حاڪم به هجي.
سندس چوڻ هو ته موجوده حالتن ۾ حڪومت ڪنهن به ريت ڊليور نٿي ڪري سگهي، ان ذهنيت کي ختم ڪرڻو آهي ته هتي اسٽيبلشمينٽ جي مرضي بنا ڪجهه نٿو ٿي سگهي، حڪومت استعيفيٰ ڏئي، نيون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ اسٽيبلشمينٽ چونڊ عمل کان پري رهي.
Prev Post
You might also like