بلاول ڀٽو پاران ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوثن خلاف ڪارروائي جي گهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث وزيرن ۽ ڪامورن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته هارين جو قتل عام ٿي رهيو آهي، حڪومت ڪاميٽي ڪاميٽي کيڏڻ بند ڪري.

هن گهر ڪئي ته هارين جو معاشي قتل عام ڪندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

ٻئي پاسي برطانوي خابرو اداري ٻڌايو آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪڻڪ جي گودامن مان سال 2022 کان 2024 دوران چار لک ٽن ڪڻڪ چوري ٿي آهي.

رپورٽ موجب گذريل سالن ۾ ڪڻڪ سنڌ جي انهن چئن ضلعن جي گودامن مان چوري ٿي جن ۾ ڪڻڪ جو شديد بحران رهيو ۽ ماڻهو اٽي جي کوٽ ڪري بکون ڪاٽڻ تي به مجبور رهيا.

انهن ضلعن ۾ شهيد بيظير آباد، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر شامل آهن.

هوڏانهن نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ مسلم ليگ (ن) جي گذريل دور حڪومت ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي اسڪينڊل بابت جاري جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.

نيب ترميمي قانون موجب جاچ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته نيب ان معاملي جي جاچ اينٽي ڪرپشن پنجاب کي منتقل ڪرڻ جي سفارش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.