عوام جا فيصلا سالن ۾ نه پيا ٿين ۽ لاڏلن جا فيصلا ڪلاڪن ۾ اچي رهيا آهن: ڪامران ٽيسوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستان بحران مان نڪري رهيو آهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ چاهين ٿا.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته حڪومت مخالفن طرفان اقتدار نه ملڻ تي بُرو چيو ويندو آهي، اسٽيبلشمينٽ خلاف ڳالهيون ڪندڙن جا اثاثا چيڪ ڪرڻ گهرجن ۽ اهو به ڏسڻ گهرجي ته سازش ۾ ڪير ملوث آهي.
هن چيو سياسي ورڪر پريشان آهن ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، اعليٰ عدليا کي ڏسڻ گهرجي ته اهڙا فيصلا ته نه پيا ٿين جو 10 سالن کانپوءِ ٻيهر ڏسڻا پون، هوا تبديل ٿيڻ سان فيصلا تبديل نه ٿيڻ گهرجن، سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس گهرايو وڃي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ کي سياست ۾ گهليو پيو وڃي، غريبن ۽ عوام جا فيصلا سالن کان نه پيا اچن، لاڏلن جا فيصلا ڪلاڪن ۾ اچي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.