سنڌ ۾ اغوا واقعن جي تازي صورتحال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پني عاقل ۾ گذريل ڏينهن گهر ۾ ڌاڙو هڻي نينگر محمد حسين کي اغوا ڪيو ويو جنهن کانپوءِ اغوا ٿيلن جو انگ 5 ٿي ويو آهي.

ٺل ويجهو ڳوٺ سودو بنگلاڻي ۾ قلفيون وڪرو ڪندڙ پورهيت دلبر پهوڙ کي هٿياربندن اغوا ڪيو.

لکي غلام شاهه ويجهو چنڊ ڳوٺ واسي گلزار احمد ڦلپوٽو کي هٿياربند اغوا ڪري ويا.

ڪنڌڪوٽ ۾ سرن جي بٺي تي ستل احمدان جعفري کي اغوا ڪيو ويو.

ٻئي پاسي سکر مان نينگر علي اصغر مڱريو بازياب ناهي ٿي سگهيو، ميهڙ مان ميٽرڪ جي شاگردياڻي ٻن ڏينهن کان لاپتا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.