اسٽريٽجڪ ڳالهيون، چين جي پاڪستان کي خود مختياري ۽ ڪشمير مسئلي تي حمايت جي خاطري

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ بيجنگ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهين جو پنجون دور ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي مفادن جي تحفظ، جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت جي خاطري ڪرائي آهي.
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ بيجنگ ۾ اسٽريٽجڪ ڳالهين جو پنجون دور ٿيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.
چيني پرڏيهي وزير وانگ زي چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي جبل جيان مضبوط آهي، جيڪا وقت گذرڻ سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا علائقائي امن ۽ خوشحالي لاءِ انتهائي اهم آهن، جيڪي گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن.
هن چيو ته چين پاڪستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، چين جي ون چائنا پاليسي تي پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته چيني هم منصب سان سي پيڪ سميت ٻين موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، مهمان نوازي تي چين جا ٿورائتا آهيون.
هن چيو ته ڪسمير مسئلي جي حل بنا خطي ۾ امن ممڪن ناهي، ڪشمير مسئلي جي چين جي مسلسل حمايت ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون.
سندس چوڻ هو ته ڳالهين ۾ ڪيترن ئي معاملن تي اتفاق ٿيو آهي، پاڪستان سڀني بنيادي معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو، جڏهن ته چين پاڪستان جي خود مختياري، علائقائي ۽ جاگرافيائي سلامتي جي حوالي سان حمايت جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.