ڪراچي( رپورٽر) ) سفارشي ڪلچر سرڪاري کاتن کي اڏوهي جيان کائي ويو، اهل نوجوان دربدر ٿي ويا آهن. لوڪل گورنمينٽ ۾ پنهنجا نوازي وڌي وئي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل پنهنجي پٽ جا ٺٺ ڪرائيندي کيس 2 عهدا وٺرائي ڏنا. ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي عبدالرشید سولنگي جي پٽ عبدالستار سولنگي کي سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ ٻيڻا عهدا ملي ويا. اداري جي نوٽيفڪيشن موجب 17هين گريڊ جي عبدالستار سولنگي کي سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ ۾ ايڊمنسٽريٽو آفيسر اڪائونٽس برانچ مقرر ڪيو ويو. عبدالستار سولنگي کي ايڊمنسٽريٽو آفيسر ميڊيڪل برانچ جي ايڊيشنل چارج به ڏني وئي آهي. عوامي آواز پاران ڊائريڪٽر جنرل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان موقف وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر ڊائريڪٽر جنرل ڪال اٽينڊ نه ڪئي.