ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي سياحت، ثقافت، نوادرات ۽ آرڪائيوز واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه سان مشهور صوفي ڳائڻي عابده پروين ملاقات ڪئي. سيد ذوالفقار علي شاهه صوفي ڳائڻي سان ملاقات ڪئي ۽ سنڌ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير عابده پروين کي سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽ ڄامشورو جي دوري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي عابده پروين سنڌ جي ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو. عابده پروين چيو ته منهنجون خدمتون هميشه سنڌ جي ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ موجود آهن. صوبائي وزير چيو ته عابده پروين اسان جي تهذيب يافته قديم ثقافت جي سفير آهي، سندس شخصيت پاڻ ۾ هڪ ادارو آهي. سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ۾ نوجوانن جي حوصلا افزائي لاءِ عابده پروين جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ جو نئون ٽيلنٽ عابده پروين کان سکي سگهي.