اسٽيبلشمينٽ سان ڪي به ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن: عمر ايوب

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  پارلياماني رپورٽرز ايسوسي ايشن جي وفد سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب  چيو ته شير افضل مروت شو ڪاز نوٽيس جو جواب ڏنو آهي، شير افضل جو جواب عمران خان کي پيش ڪيو ويندو، عمران خان ئي شير افضل مروت جو فيصلو ڪندو، جئين عمران چوندو مان ائين ئي ڪندس. عمر ايوب چيو ته آمريڪي سفير پرڏيهي وزارت ذريعي ملاقات لاءِ چيو هو، ان ملاقات کي ڪرٽيسي ڪال چئي سگهجي ٿو. آمريڪي سفير وزيراعظم ، اسپيڪر ۽ اپوزيشن ليڊر سان ملاقات لاءِ چيو هو جنهن ۾ عمران خان جي آزادي بابت ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته هن آمريڪي سفير کي چيو ته قانون جي حڪمراني هوندي ته اسان به قبول ڪنداسين ۽ توهان به قبول ڪندا، اسان اندروني معاملن ۾ مداخلت نه آمريڪا جي مڃينداسين، نه طرنيا جي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي ملڪ جي مداخلت قبول ڪنداسين، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي. عمر ايوب وڌيڪ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ حڪمران اتحاد کي سيلف ڊفينس فورسز جي چيئرمين سان ڳالهين تي مجبور ڪيو ويندو.هن چيو ته آمريڪي سفير کي ملڪ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو ذڪر ڪيو ۽ آمريڪي سفير کي چيو ته آئين تي عمل ڪيو وڃي جيڪو حق ڏئي ٿو.

  1. عدت ۾ نڪاح ڪيس: مانيڪا بشرا بي بي سان رابطو ڪرڻ چاهيو پئي: وڪيل

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) عمران خان ۽ بشرا بي بي خلاف عدت نڪاح ڪيس ۾ خاور مانيڪا جي وڪيل چيو آهي ته خاور مانيڪا  بشرا بي بي سان رابطو ڪرڻ چاهي ٿي.اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ عدت نڪاح ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشرا بي بي خلاف داخل اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ خاور مانيڪا جي وڪيل دليل ڏنا.خاور مانيڪا جي وڪيل رضوان عباسي چيو ته خاور مانيڪا بشريٰ بي بي سان ملاقات ڪرڻ چاهيو هو،پر پهچڻ کان اڳ ئي بشريٰ بي بي ۽ پي ٽي آءِ جي باني عدت ۾ شادي ڪري ڇڏي هئي. خاور مانيڪا جي وڪيل وڌيڪ چيو ته جعلي نڪاح ڏوهه آهي، جتي شاديءَ جو اثر ٿيو، ماضي ۾ به عدالتن ان جو ٽرائل ڪيو آهي، مقرر مدي اندر شادي خلاف شڪايت داخل ڪرڻ جو ڪو قانون ناهي، ايڊووڪيٽ رضوان عباسي دليلن لاءِ وڌيڪ هڪ ڪلاڪ جي مهلت گهري ۽ عدالت کي 15 مئي تي پنهنجي حاضري کان آگاهه ڪيو، جنهن کانپوءِ عدالت عدت نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

  1. سني اتحاد ڪائونسل پاران پي اي سي چيئرمين لاءِ شيخ وقاص جي نالي جي سفارش

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ )  سني اتحاد ڪائونسل چيئرمين پي اي سي لاءِ شيخ وقاص اڪرم جي نالي جي سفارش ڪئي آهي، سني  اتحاد ڪائونسل چيئرمين پي اي سي لاءِ شيخ وقاص اڪرم جي نالي جي سفارش ڪري ڇڏي.ان حوالي سان سني اتحاد جي چيئرمين صاحبزاده حامد رضا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکيو آهي.خط جي ڪاپي قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري ۽ بئريسٽر گوهر کي موڪلي وئي آهي.

  1. کير جي اگهن ۾ واڌ بابت درخواست تي ڪمشنر ڪراچي رڪارڊ سميت عدالت طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾  کير جي قميتن ۾ اضافي جي حوالي سان ڊيري فارمز ايسوسيشن جي درخواست تي ڪراچي جي ڪمشنر کي رڪارڊ سميت 28 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي .درخواستگذار جي وڪيل  منصف جان چيو ته ڊيري فارمز جي لاءِ کير جي قميت 229رپيا مقررڪئي وئي آهي .چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جهيڙي طرح پهرين به کير جي قميتن جو تعين ٿيو آهي .پهرين به ٿيندو رهيو آهي .منافع تي اسان اوهان جي ڪهڙي مدد نه ڪنداسين .مارڪيٽ جي حساب سان مارجن ٿيندو .صرف حڪومت کي قميت جو تعين جو اختيار آهي .وڪيل درخواستگذار جو چيو آهي ته 3آڪٽوبر 2023ع جي اجلاس ۾ 200 رپيا مقرر ڪيا ويا.سنڌحڪومت جي وڪيل چيو ته چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ڪراچي جي ڪمشنر جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي .درخواستگذار چيو ته ڊيري فارمز جي صدر اجلاس ۾ شرڪت ڪئي .جنهن ۾ قميتن جو تعين ڪيو ويو .عدالت کي ٻڌايو ويو ته حيدر آباد ۾ قميت 192 رپيا مقررڪئي وئي آهي .چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته جنهن ماڻهن اوهان مقررڪيو آهي هنن تباهه ڪيو آهي ڊالر300 رپيا ٿي ويو آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

  1. چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ يو ايَ ايِ جي قونصل جنرل جي سربراهي ۾ وفد جي ملاقات

ڪراچي ( رپورٽر ) چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه سان متحده عرب امارات جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي جي سربراهي ۾ 7 ميمبرن جي وفد  ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ قونصل جنرل بخت عتيق الروميتي چيف سيڪريٽري سنڌ کي متحده عرب امارات جي حڪومت پاران لاڙڪاڻي ۾ جديد اسپتال ۽ دادو ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر تعمير ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته لاڙڪاڻي ۾ اسٽيٽ آف آرٽ هيلٿ سينٽر تعمير ڪيو ويو آهي جڏهن ته دادو ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 گهر تعمير ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.