اسلام آباد(انصار عباسي)نگران حڪومت جي 9 مئي جي واقعن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وڳوڙن جي ڪري هٿياربند فوج سميت رياست جي سمورن ادارن تي عوام جي اعتماد کي نقصان پهتو، رپورٽ مطابق هاڻي عوام ۽ فوج وچ ۾ هڪ ويڇي جو تاثر واضح آهي جنهن جي ڪري فوجين جا حوصلا پست ٿيا آهن، هڪ اهڙي موقعي تي جڏهن فوج دهشت گردي خلاف مسلسل جنگ ۾ مصروف آهي، گڏيل اعتماد جو اهو ٽٽڻ سازگار ناهي،رپورٽ مطابق 9 مئي تي 14 ماڻهو مارجي ويا،423 زخمي ٿيا جن مان اڪثر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار هئا، 40 سرڪاري ۽ 15 نجي عمارتن کي نقصان ٿيون،مظاهرن سبب تقريبن 17 ارب رپين جو نقصان ٿيو، رپورٽ ۾ سفارشون پيش ڪيون ويون ته قومي مفاهمت جي سخت ضرورت آهي، حڪومت ۽ اپوزيشن جي ذميواري آهي ته ايندڙ پارليامينٽ ڪارڪردگي ڏيکاري.