اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ سينيئر سياستدان مشاهد حسين انڪشاف ڪيو آهي ته نواز شريف کي نظام ۾ رهڻ لاءِ صدر بڻائڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. هڪ خانگي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ مشاهد حسين سيد چيو ته نواز شريف کي چيو هو ته جيڪڏهن نظام ۾ اچڻو آهي ته ملڪ جا صدر بڻجي وڃو، وزيراعظم ٿيڻ جو ڪو به چانس ناهي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته ملڪ ۾ مينڊيٽ جو اهو حال آهي ته نگران وزيراعظم موجوده حڪومت کي دڙڪو ڏئي رهيو آهي ته چپ ڪر، نه ته فارم 47 جي حقيقت سامهون آڻيندس. عمران خان بابت هن چيو ته آمريڪا جي فون اچڻ کان اڳ عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي، اهو سڀني لاءِ بهتر آهي.