ڪراچي (رپورٽر) آءِ بي اي سکر انتظاميا خلاف متاثر نياڻي بختاور سومرو احتجاج ڪندي چيو ته مون سان ٿيل ناانصافي خلاف ڪيترائي ڀيرا ميڊيا ۾ آڏو دانھون ڪرڻ سميت پريس ڪانفرنسون ڪندي اختيارين جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون سان انصاف ناهي ٿيو. بختاور سومرو چيو تھ آءِ بي اي سکر ۾ انٽرنشپ دوران ٿيل هراسمينٽ سميت ڪرپشن خلاف هڪ وڊيو وائرل ٿي، جنهن وڊيو ۾ آءُ به هيس، جنھن جي مونکي سزا ملي رهي آهي. هاءِ ڪورٽ ۾ مون درخواست ڪئي آهي ته واقعي جي جوڊيشل ڪاميٽي قائم ڪري انڪوائري ڪئي وڃي، منهنجي بيچلر ڊگري مڪمل ٿيل آهي، مان يونيورسٽيءَ ۾ انٽرنشپ طور نوڪري به ڪري رهي هيس، منهنجي بلا جواز ٽي سال پڙهائي ضايع ڪئي وئي آهي ۽ ڊگري به روڪي وئي آهي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس جي ڊگري واپس ڪرائي، انصاف فراهم ڪيو وڃي.