ڪراچي( رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران هڪ خانگي چينل تي هلندڙ خبر کي بي بنياد قرار ڏيندي وضاحت ڪئي آهي ته ڪميشن پاران لاءِ اهل ۽ قابل ميمبرن کي انٽرويو ڪاميٽي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪميشن پاران ڪنهن به عدالتي حڪم جي ڪابه نافرماني ناهي ڪئي وئي. ايس پي ايس سي پاران جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ خانگي چينل پاران نشر ٿيل خبر ۾ ڪميشن جي هڪ معزز ميمبر کي نسلي تعصب جي بنياد تي انٽرويو ۾ شامل ڪرڻ تي الزام تراشي ڪئي وئي آهي ۽ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي حڪم جي نافرماني ڪرڻ جو ٻڌايو ويو آهي. جيڪا خبر سراسر غلط ۽ بي بنياد آهي. ڪميشن پاران مختلف نوڪرين لاءِ اميدوارن جا انٽرويو ڪميشن جي لاڳاپيل ميمبرن جي موجودگي توڙي انهن جي لاڳاپيل سبجيڪٽ ۾ ماهراڻين صلاحيتن جي بنياد تي چونڊ ڪري شامل ڪيو ويندو آهي ته جيئن قابل ۽ اهل اميدوارن کي ميرٽ جي بنياد تي پاس ڪري کين ڪامياب قرار ڏنو وڃي. ڪميشن پاران وڌيڪ واضح ڪيو ويو آهي ته اهڙين غلط ۽ بي بنياد خبرون نشر ڪرڻ وارن ادارن توڙي صحافين خلاف ڪميشن ڪهڙي وقت به لاڳاپيل قانون موجب سخت ڪاروائي ڪرڻ جو محفوظ حق استعمال ڪري سگهي ٿي.