پني عاقل ۾ گهر مان لکين رپين جو ڌاڙو، معصوم نينگر اغوا، وارثن جو ڌرڻو

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ )پنوعاقل ۾ ڌاڙي جي وڏي واردات ، ڏوھارين سونا زيور روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي ڦرڻ سان گڏ ويندي ويندي ڇھن ورھين جي معصوم ٻارڙي کي به اغوا ڪري کڻي ويا ، پنوعاقل جي مھراڻ ڪالوني ۾ ڪپڙي جي واپاري اڪرم آرائين جي گھر ۾ اڱاري جي رات دير سان ڏوھارين گھر ۾ گھڙي ننڊ پيل گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائڻ عورتن کي پاتل سونا زيور جنھن ۾ ڏھ تولا سونا زيور ٻه آئي فون لکين روپيا روڪ رقم ڦر ڪرڻ کانپوءِ ننڊ ستل ڇھن ورھين جي معصوم ٻار محمد حسن عرف حسين کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن ، اطلاع تي وڏي انگ ۾ علائقي واسي ۽ پوليس مھراڻ ڪالوني پھتي جاچ شروع ڪري ڇڏي، جڏھن ته گذريل ڏينهن صبح ٿيندي پني عاقل جي سول سوسائٽي ۽ شھرين پاران شھر ۾ مڪمل طور شٽر ڊائون هڙتال ڪري شھر کي بند ڪرڻ کانپوءِ قومي شاھراهه تي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ پنوعاقل جي سٽي ٿاڻي تي ڌرڻو ھڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ، ڌرڻي ۾ ايس ايس پي سکر عابد بلوچ ۽ ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو ۽ رينجرز جي ونگ ڪمانڊر پھچي ڪري نينگر جي والد اڪرم راجپوت کان تفصيل وٺڻ کانپوءِ ٻن ڪلاڪن تائين ٿاڻي اندر ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي ۽ ونگ ڪمانڊر نينگر جي بازيابي بابت اجلاس ڪئي، جڏھن ته ايس ايس پي سکر عابد بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نينگر جي بازيابي لاءِ ڪچي توڙي پڪي لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آھن ، جن پنھنجو ڪم شروع ڪري ڏنو آھي، ھن چيو ته ھن معاملي جي گھڻ رخي جاچ ڪريون پيا ، جڏھن ته ايس ايس پي سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر پاران ٿاڻي تي لڳل ڌرڻي ۾ ويٺل اڳواڻن ۽ مغوي جي وارثن کان 24 ڪلاڪ جي مھلت ورتي وئي جنھن کانپوءِ مظاھرين پاران  ڌرڻو ختم ڪيو ويو آھي ، مظاھرين چتاءُ ڏنو آھي ته جيڪڏھن مغوي بازياب نه ٿيو ته ٻيھر ڌرڻو لڳايو ويندو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.