عوام جو سياستدانن ۽ ادارن تان ويساهه کڄي ويو، قانون جي حڪمراني اڻٽر

لاهور(تجزيو:مبشر لقمان)ماڻهو سوال ڪري رهيا آهن ته ملڪ بچندو يا نه؟ ماڻهن کي حڪومتي دعوائن تي يقين ناهي،سياستدانن تي اعتبار ناهي،ماڻهو عدالتي فيصلن تي سواليه نشان اٿاري رهيا آهن، پولرائزيشن ايتري ته وڌي وئي آهي ته ماڻهن ادارن کي به آخري اميد سمجهڻ ڇڏي ڏنو آهي،کين ڪنهن مسيحا جو انتظار آهي،ملڪي مسئلا وڌي رهيا آهن، وڏي سرجري جي ضرورت آهي، پرڏيهي پاليسي سٺي ناهي، ڪو به اسان تي اعتماد نٿو ڪري،اسان جي گهرو پاليسي جو اهو عالم آهي جو وڏي ۾ وڏو چور آرام سان نڪري وڃي ٿو،هن ملڪ ۾ ڌاڙيل راڄ ڪري رهيا آهن، اسان جا خرچ گهٽ نه پيا ٿين، آمدني گهٽ ٿي رهي آهي،مهانگائي ماڻهن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، عارف علوي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي آزادي لاءِ سرگرم آهي، عمران خان اسٽيبلشمينٽ لاءِ ڳلي جو هڏو بڻيل آهي،جڏهن ته فضل الرحمان جي ٽون به تبديل ٿي وئي آهي، آزاد ڪشمير،بلوچستان ۾ حالتون خراب آهن، سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾  ڌاڙيلن جي حڪمراني آهي،پاڪستان جي آمدني آءِ فون ٺاهيندڙ ڪمپني ۽ سام سنگ کان به گهٽ آهي،ايپل،گوگل،ايميزون ڪمپنيون ان ڪري ڪامياب آهن ڇو ته اتي اشرافيه ناهي،ڪمشنرن،آرپي اوز ۽ ٻي ڪاموراشاهي کي ڏنل سرڪاري گهرن جو ڪاٿو 55 ارب ڊالر آهي،هر گهر ۾ انهن کي 5-5 گاڏيون،ڊرائيور ۽ گاڏين لاءِ چارسئو ليٽر پيٽرول حاصل آهي،اهي گاڏيون اڪثر طور نجي ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿيون،عالمي افق تي ڏسجي ته ويٽنام 20 سال آمريڪا سان جنگ ڪئي پر هار نه مڃي،جنگ کانپوءِ اهو ملڪ دنيا جي وڏين معيشتن ۾ شامل ٿي چڪو آهي،ارڙهين ترميم ٿيڻ کانپوءِ وفاق 300 اضافي ادارا ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، صوبن اڳتي بلديات کي منتقل نه ڪيو، نتيجو اهو نڪتو جو عام ماڻهو تباهه برباد ٿي ويو، عام ماڻهو بجلي بل ڏيڻ جي سگهه ۾ ناهي رهيو، 83 ڪروڙ يونٽ بجلي چوري ٿي رهي آهي، ايف آءِ اي جڏهن بجلي چورن تائين پهچي ٿي ته وزيراعظم انهن جا اختيار کسي ڇڏي ٿو،هڪ ارب ڊالر جي ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ مختلف حيلا بهانا ڪري اصل ڪردارن کي  بچائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي،زراعت جي حوالي سان سنجيدگي جو اهو عالم آهي جو زرعي زمينن تي ريئل اسٽيٽ جا منصوبا اچي رهيا آهن،هتي ڪڏهن يوٽيوب،ڪڏهن سوشل ميڊيا بند آهي،پوءِ اسان هندستان جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهنداسين،احتساب ۽ قانون جي حڪمراني کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي جيڪي ڌاڙيل ڪچي ۾ ويهي ڪارروايون پيا ڪن ۽ جيڪي پارليامينٽ ۾ ويهي معيشت کي کنڊ پيا هڻن انهن لاءِ هڪ جهڙو قانون لاڳو ڪرڻو پوندو،ايڪسٽينشن ۽ رٽائرڊ ماڻهن کي ٻيهر ادارن تي مڙهڻ سان ملڪ جو خراب حال ٿيو آهي،نوجوانن کي اڳتي آڻڻو پوندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.