وفاقي بجيٽ 7 جون تي پيش ٿيڻ جو امڪان، چار هزار ارب خساري جو ڪاٿو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستاني اختيارين ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ بابت ڊيٽا جي مٽا سٽا ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف کي وفاقي بجيٽ جي ڪاٿي، خرچن، ترقياتي بجيٽ، روينيو ۽  سبسڊيز جا تفصيل ڏنا ويا آهن. دستاويز موجب ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ خرچن جو ابتدائي ڪاٿو 24 هزار 710 ارب رپيا آهي، جڏهن ته حڪومت جي جاري خرچن جو ڪاٿو 22 هزار 37 ارب رپيا آهي. آءِ ايم ايف کي ڏنل دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي ترقياتي بجيٽ جو حجم 2 هزار 590 ارب رپيا هوندو، وفاقي ترقياتي پروگرام 890 ارب رپيا ۽ صوبائي ترقياتي بجيٽ هڪ هزار 700 ارب رپيا هوندي. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ترقياتي پروگرام کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي اڳتي وڌايو ويندو، دفاع لاءِ 2 هزار 152 ارب رپيا مختص ڪيا ويندا، وياج ۽ قرضن تي خرچن جو ابتدائي ڪاٿو 9 هزار 787 ارب رپيا 8 هزار 517 رپيا آهي. اربين رپيا مقامي ۽ 1 هزار 158 ارب رپيا پرڏيهي قرض جو سود هوندو. دستاويز موجب ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ سبسڊيز جو حجم 1509 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، توانائي شعبي لاءِ سبسڊيز جو ابتدائي حجم 800 ارب رپيا آهي. بجيٽ دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ مالي سال ۾ حڪومت جي ڪل آمدني جو ڪاٿو 15 هزار 424 ارب رپيا آهي، ايندڙ مالي سال ۾ ايف بي آر جي ٽيڪس روينيو جو ڪاٿو 11 هزار 113 ارب رپيا آهي. بجيٽ دستاويز موجب سڌي ريت ٽيڪس جي مد ۾ 5 هزار 291 ارب رپيا، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 672 ارب رپيا ۽ سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 3 هزار 855 ارب رپيا وصولين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي 2,11 ارب رپيا جڏهن ته نان ٽيڪس روينيو جو ابتدائي ڪاٿو 2,11 ارب رپيا آهي. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1080 ارب رپيا آمدني جو تخمينو لڳايو ويو آهي، گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سرچارج جي مد ۾ 78 ارب رپيا آمدني جو اندازو لڳايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ 7 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.