مٽياري / کيبر (نمائندن وٽان ) مٽياري لڳ قومي شاهراهه تي پنجاب مظفر ڳڙهه کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، گذريل ڏينهن مٽياري لڳ سيکاٽ ٿاڻي جي حد م پنجاب جي علائقي مظفر ڳڙهه کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ بس ڊرائيور محمد يوسف مظفر ڳڙهه واسي، 8 ورهين جو ٻارڙو عبدالهادي، 10 ورهين جي مينا ڌي اعجاز ڀٽي فوت ٿي ويا آهن، ٻئي ٻارڙا پاڻ ۾ڀاءُ ڀيڻ آهن، جڏهن ته 8 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا جن ۾ اعجاز ڀٽي، عمار نائچ، بهاولپور واسي حسن، يونس، محمود، ارشاد ۽ حسيبه شامل آهن، پوليس موجب ته فوتين جا مڙهه ئي زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد ۽ تعلقي اسپتال مٽياري منتقل ڪيو ويو هو، ڊرائيور جو لاش بس جي ملبي ۾ دٻيل هو جنهن کي ريسڪيو ذريعي ڪڍيو ويو هو، هوڏانهن ايس ايڇ او سيکاٽ جو چوڻ آهي ته صبح سوير روڊ حادثو پيش آيو هو ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب ڪوچ جو اڌ کان مٿي واري حصي کي نقصان پهتو ۽ اڳيان ويٺل ماڻهو زخمي به ٿيا ۽ فوت به ٿيا ۽ ٽرالر ڪلٽي ٿي ويو، جڏهن ته ابتدائي طور ريسڪيو وارن پنج ماڻهو فوت ٿيڻ جو چيو هو پر اسان سول اسپتال مان ويري فائي ڪيو جنهن ۾ 3 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي ۽ 8 ماڻهو زخمي شديد زخمي ٿي پيا آهن.