راولپنڊي (م ڊ)190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران باني پي ٽي آءِ عمران خان بينڪ آفيسر کي رجسٽرار سپريم ڪورٽ سمجهي ويٺو، اڊيالا جيل ۾ 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران عمران خان هڪ دستاويز لهرائيندي فخر واري انداز سان چيو ته رجسٽرار سپريم ڪورٽ نيب عدالت ۾ بيان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، نيشنل ڪرائم ايجنسي سان مليل رقم تي 13 ارب رپين جو منافعو ٿيو آهي. عمران خان جي هٿ ۾ موجود دستاويز رجسٽرار سپريم ڪورٽ جو نه پر نيشنل بئنڪ جي آفيسر جو عدالت ۾ جمع ڪرايل بيان نڪتو. ٻڌڻي کانپوءِ نيب عملدارن سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي بيان جي ترديد ڪئي.صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نيب اختيارين چيو ته نيشنل بينڪ جي آفيسر گوهر مسعود منافعي وارو بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي.
-
عمران خان جو فيصلو صحيح هجي يا غلط، اکين تي: شاندانه گلزار
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاندانه گلزار چيو آهي ته شير افضل مروت جي عزت الله کي خبر آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شير افضل مروت سان منهنجو هڪ خانداني ۽ ٻيو پارٽي تعلق آهي، هو منهنجي ڀائرن وانگر آهي، هن منهنجي ماءُ ۽ شهريار آفريدي جي گهرواري ۽ ٻارن کي ان وقت پناهه ڏني، جڏهن سڄي پاڪستان ۾ ڪو به پناهه نه ڏئي رهيو هو. شاندانه گلزار چيو ته هن شخص منهنجي ماءُ ۽ مون کان هڪ رپيو به نه ورتو ۽ پنهنجي جان خطري ۾ وجهي اسان کي بچايو، ته مان سندس ڪيئن ٿي برائي ڪري سگهان. اسانکي ايترو احسان فراموش نه ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان اهو حڪم ڏئي ٿو ته شير افضل مروت کي پارٽي جي سياسي ڪميٽي تان هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته خان ناراض آهي، ان ڪري اسان خان سان گڏ آهيون، خان جو هر فيصلو چاهي اهو غلط هجي يا صحيح هجي، اکين تي آهي. چيو ته هنن مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي، مون کي ٻن قبرن جون تصويرون مليون ۽ چيو ويو ته هي توهان جو مستقبل آهي، مون انهن کي واپس موڪلي چيو ته اهو توهان جو مستقبل به آهي. مون کي خبر ناهي ته هو ڪير هو، شايد غدار هو.