سنڌ حڪومت ڌاڙيلن آڏو بي وس ناهي،ڪير به صوبن جو حصو گهٽائي نٿو سگهي: مراد علي شاهه

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي ورڇ بابت 1991 جو ٺاھ موجود آھي، ان جي ڪير به خلاف ورزي نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن 91 ٺاهه کان هٽي ڪري ڪو به  قدم کڻندو ته اهو غيرقانوني ۽ غير آئيني هوندو، 18 ترميم کي آئيني تحفظ  مليل آھي، صوبن جو ڪير به حصو گهٽائي نٿو سگهي، سنڌ جي ماڻهن کي 300 يونٽ بجلي مفت ڏيڻ تي ڪم هلي رهيو آهي، ضياءَ جي دور ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل پيدا ٿيا، جيڪي هاڻ ٻارڙن کي به اغوا ڪري رهيا آهن، اسان ڌاڙيل ڪلچر کي جڙ کان ختم ڪنداسين، سنڌ اندر هر صورت ۾ امن و امان قائم ڪيو ويندو، ٿر مان ڪوئلو کڻڻ لاءِ ريلوي لائين وڇائڻ واري ڪم ۾ سنڌ سرڪار به مدد ڪندي، گورنر کي تبديل ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم وٽ آهي، ان ۾ ڏس ۾ سندس ڪو به ڪردار يا اختيار ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن جي خوشحالي ۽ 21 لک گهرن جي تعمير چيئرمين بلاول ڀٽو جي ترجيح آهي، 21 لک گهرن جي تعمير جي فنڊنگ جو انتظام ڪري ورتو آهي، هڪ لک گهر ٺهي به چڪا آهن ۽ 6 لک گهرن تي ڪم هلندڙ آهي. هن سوالن جي جواب ۾ چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي 37 سيڪڙو کوٽ آھي، پاڻي معاملي تي نظر آھي، پنجاب جيڪو به منصوبو شروع ڪيو، ان بابت 91 ٺاهه موجود آھي، ان ۾ چئني صوبن جي پاڻي حصي جو فارمولو طئي ٿيل آھي، ان خلاف ڪير به نٿو وڃي سگهي، سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال ايتري بهتر ناھي، سنڌ هن وقت به 37 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آھي، ان معاملي کي اسان سي سي آئي ۾ کڻي وينداسين. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون خاص هدايتون آهن ته 5 سالن اندر صاف پيئڻ لاءِ پاڻي هر گهر گهر پهچايو وڃي، اسان پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪنداسين. هن چيو ته صحت واري شعبي ۾ سنڌ حڪومت بهترين ڪم ڪيو آهي، اسان پي ايم سي، اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ ٽي يو، گمبٽ اسپتال ۽ ٻيا بهترين صحت جا مرڪز کوليا آهن،. هن چيو ته اسان 60 هزار استاد ڀرتي ڪيا آهن، جن جي ٽريننگ آخري مرحلي ۾ پهتل آهي، ڪسان ڪارڊ تي زراعت کاتو ڪم ڪري رهيو آهي، ليبر ڪارڊ جاري ڪيو هو، ان کي وڌيڪ بهتر ڪنداسين. وڏي وزير چيو ته صوبي ۾ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون قائم ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت ڊرگ مافيا خلاف ڀرپور آپريشن ڪري رهي آهي، اسان پنهنجن ٻارڙن کي منشيات کان بچائڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته اسان جي گذريل حڪومت جي آخري مهينن ۾ ڌاڙيلن ڪچي ۾ مسئلا پيدا ڪرڻ شروع ڪيا، سنڌ حڪومت ڌاڙيلن اڳيان بي وس ناهي، پر بي وس ته اهي ڌاڙيل آهن، جيڪي ڪچي ۾ لڪل آهن، ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت شڪايت ڪئي آهي ته ماڻهو بجلي جا بل نٿا ڏين، سنڌ جي عوام کي اپيل آهي ته اهي بجلي جا بل پابندي سان ادا ڪن. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ روڊن تي ڌيان نٿي ڏئي، تنهن ڪري ٻين هنڌن تان ايندڙ ماڻهو شڪايت ڪندا آهن ته سنڌ ۾ پهچڻ شرط ئي خبر پوندي آهي ته هتي جي روڊن جي حالت بهتر ناهي، روڊن جي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ جي روڊن جي جڏهن به ڳالھ ٿيندي آھي ته ميٽنگ ۾ چيو ويندو آھي ته اها ذميواري صوبن جي آھي، جڏهن ته اين ايڇ اي کان معلوم ڪيو وڃي ته هن ملڪ ۾ ڪيترو ڪم ڪيو آھي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي صوبي تي خرچ ڪيو ويو. هن چيو سنڌ ته هميشه سڀ کان پهريان وفاق جي مدد ڪئي آھي، مون کي تازو معلوم ٿيو ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اسٽيل مل لاءِ فقط 20 سيڪڙو رقم تي سنڌ جي زمين ڏني هئي.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.