وڏي وزير کي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ

حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ترقياتي ڪمن بابت لاڳاپيل عملدارن سان گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، جنرل سينيٽر وقار مهدي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، ڄام خان شورو، سعيد غني، علي حسن زرداري، مخدوم محبوب، علي نواز شاهه رضوي پڻ شامل هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته هن وقت حيدر آباد ۾ 61783 ملين روپين جون 239 اسڪيمون، مٽياري 15943.9 ۾ ملين جون 106 اسڪيمون، ٽنڊوالهيار ۾ 15852.8 ملين جون 95 اسڪيمون ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 15852.8 ملين جون اسڪيمون هلندڙ آهن، جن لاءِ هن سال وڏي رقم رکي وئي آهي.17

  1. حيدرآباد جي صحافي ڪالوني لاءِ ترقياتي ڪم شروع ڪرائڻ جي هدايت

حيدرآباد: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد جي صحافي ڪالوني بابت ڳالهائيندي چيو  ته سنڌ سرڪار حيدر آباد پريس ڪلب کي صحافين ڪالوني لاءِ زمين الاٽ ڪئي آهي، جڏهن ته ان ايراضي جي ڊولپمينٽ لاءِ هو بلديات کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني کي هدايتون ڏيندو ته هو جلد ئي صحافي ڪالوني ۾ ڊولپمينٽ جو ڪم شروع ڪرائي.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.