اسلام آباد(م ڊ)عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چونڊن جي باوجود پاڪستان ۾ مسلسل سياسي غير يقيني صورتحال ڏانهن اشارو ڪيو آهي. آءِ ايم ايف موجب 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل آزاد اميدوارن ٻين پارٽين کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. آءِ ايم ايف پاران پڌرا ڪيل دستاويز ظاهر ڪن ٿا ته نئين حڪومت اسٽينڊ بائي انتظام جي پاليسين کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. معاشي پاليسين تي عمل نه ٿيڻ سبب پرڏيهي فنانسنگ، قرضن ۽ مٽا سٽا جي شرح ۾ گهٽتائي جو خدشو آهي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته پرڏيهي فنانسنگ ۾ دير ٿيڻ جي صورت ۾ بئنڪن تي حڪومت تي قرض ڏيڻ جو دٻاءُ وڌندو ۽ حڪومت تي قرض ڏيڻ لاءِ بئنڪن تي دٻاءُ وڌندو جنهن سان خانگي شعبي جي مالياتي گنجائش ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ منجهيل سياسي صورتحال، ناڻي واڌ، مهانگائي ۽ سماجي ڇڪتاڻ پاليسي سڌارن جي عمل کي متاثر ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته شين جي قيمتن، شپنگ ۾ رڪاوٽون يا سخت عالمي مالي حالتون خارجي استحڪام کي متاثر ڪنديون. آءِ ايم ايف جي دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن کانپوءِ ٻن وڏين پارٽين مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي گڏيل حڪومت ٺاهي، پر پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل آزاد اميدوارن ٻين سياسي پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ووٽ کنيا، قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي حمايتي ميمبرن وڏي اپوزيشن ٺاهي. اليڪشن ۾ مجموعي طور تي پي ٽي آءِ جي آزاد اميدوارن اميدوارن ٻين سياسي گروپس کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا، پيچيده سياسي صورتحال، مهانگائي ۽ سماجي اڻبرابري پاليسي سڌارن جي عملدرآمد کي متاثر ڪري سگهن ٿا . رپورٽ موجب اليڪشن ٿيڻ باوجود نئين حڪومت لاءِ سياسي بحران چئلينج بڻجي ويو، سياسي بي يقينيءَ واري صورتحال پاڪستان کي هڪ نئين بحران ڏانهن گهليندي پئي وڃي. آءِ ايم ايف موجب پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ميمبرن جو قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي بئنچ تي ويهڻ ۽ اپوزيشن الائنس طرفان ملڪ گير احتجاج جو فيصلو نئين حڪومت لاءِ سياسي بي يقيني کان گهٽ ناهن. پيچيده سياسي صورتحال، مهانگائي، سماجي ڇڪتاڻ پاليسي سڌارن جي عمل کي متاثر ڪري سگهي ٿي. رپورٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته شين جي قيمتن، شپنگ جي پابنديون ۽ سخت عالمي مالي حالتون پڻ استحڪام تي اثر انداز ڪندا، نجي شعبي لاء مالياتي صلاحيت کي وڌيڪ گھٽائي. پرڏيهي فنانسنگ ۾ دير ٿيڻ سان بئنڪن تي حڪومت تي قرض ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌندو.