ڪالاباغ ڊيم کان ملڪي وحدت وڌيڪ اهم آهي: احسن اقبال

اسلام آباد(ذوالفقار علي) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين پارليامنٽ جو قسم کڻي 8 فيبروري جي اليڪشن کي تسليم ڪري ورتو آهي، هاڻي سندن فرض آهي ته اهي ايوان ۾ ويهي هاڪاري ڪردار ادا ڪن. جيڪڏهن مخالف ڌر وارا احتجاج جي سياست ڪندا ملڪي معيشت کي نقصان ٿيندو ۽ ان جي اجازت نه ڏني ويندي. عمران خان کي حڪومت آزاد نه ٿي ڪري سگهي، هن تي ڪيس آهن، انهن جي خاتمي لاءِ هو عدالت  سان رابطو ڪري. اسان پنهنجي ڪيسن کي ڪوڙو ثابت ڪيو، عمران به پنهنجا ڪيس ڪوڙا ثابت ڪيو. هن چيو ته وزير اعظم ۽ اسان جي خواهش آهي ته پيپلزپارٽي ڪابينا ۾ شامل ٿئي. هن چيو ته ملڪ مان غيريقيني واري صورتحال جي خاتمي لاءِ سڀني ڌرين کي گڏ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سي پيڪ منصوبن تي 2018 ۾ آيل عمران خان حڪومت يوٽرن ورتو، جنهن جي ڪري اهي  منصوبا رڪجي ويا. پي ٽي آءِ جي غلط پاليسين سبب معيشت ويهجي وئي ۽ ملڪي پئداوار گهٽجي وئي، جنهن جي ڪري بجلي جا منصوبا به لاڀ نه ڏئي سگهيا. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم هن وقت اهم ناهي، ان تي صوبن کي اعتراض آهن، ان منصوبي سان ملڪي وحدت کي نقصان ٿي سگهي ٿو، اسان نه ٿا چاهيون ته ان منصوبي سان ڪو انتشار پئدا ڪيون. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻي جي ننڍن ۽ وڏن ذخيرن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان سڀ محنت ڪيون پاڪستان 2047 تائين جي10 ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ سڀني کي هڪ ٽيم بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.