بڊاڻي ۾ هٿياربندن پاران دڪان تي ڪاهه، واپاري کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

بڊاڻي (رپورٽ: مقبول مڙل )  مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي جي سامهون ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم 6 موٽرسائيڪل سوار هٿياربند وچ شهر ۾ ڪاهه ڪري هندو واپاري ساگر ڪمار کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد شهرين جي مزاحمت تي هٿياربند واپاري کي ڇڏي فرار ٿي ويا اهڙي واقعي  بعد بڊاڻي جا هندو واپاري خوف وچان پنهنجا دڪان بند ڪري گهرن تائين محدود ٿي ويا شهر ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول ڇانئجي ويو هندو واپاري ساگر ڪمار جو چوڻ آهي ته منهنجو دڪان مياڻي ٿاڻي جي ڀرسان آهي منجهند جو مان پنهنجي دڪان تي ويٺو هيس ته 6 نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربند منهنجي دڪان تي ڪاه ڪري هٿيارن جي زور تي مونکي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بعد مون انهن سان مذمت ڪئي ۽ شهري به موقعي تي پهچي ويا جنهن بعد هٿياربند مونکي ڇڏي فائرنگ ڪندي آساني سان فرار ٿي ويا پوليس موقعي ته نه پهچي سگهي هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته مياڻي ٿاڻي تي تڪريبن 70 پوليس اهلڪار مقرر ٿيل آهن جنهن مان ٽوٽل 13 پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڪري رهيا آهن باقي سب جا سب ويزا تي ويل آهن پوليس عملو گهٽ هجڻ ڪري چوريون ڦُرون ۽ اغوا جي وارداتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي هن ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته مياڻي ٿاڻي تي مقرر پوليس اهلڪارن کي ڊيوٽي ڪرڻ تي پابند ڪيو وڃي ته جيئين ڪا وڏي واردات نه ٿي سگهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.