12 مئي سانحو، 17 ورهين بعد به 50 مقتولن جا وارث انصاف جي آس ۾

ڪراچي ( رپورٽر ) 12 مئي سانحي کي 17 سال گذرڻ باوجود ڪراچي ۾ مارجي ويل 50 کان وڌيڪ شهرين جا وارث انصاف جا منتظر آهن. ان  سانحي جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيا پر انصاف نه ملي سگهيو . 12 مئي 2007ع تي هٽايل چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ڪراچي آمد جي موقعي تي شهر ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ 50 کان وڌيڪ شهري اجل جو شڪار ٿيا. ايئرپورٽ ٿاڻي تي داخل 7 ڪيس داخل ٿيا، ان وقت جو گهرو صلاحڪار وسيم اختر، بابر غوري ۽ ٻيا عدالت پيش ٿيا، شاهدن جي غير موجودگي ۽ قانوني پيچيدگين سبب دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ 7 ڪيسن جو اڃا تائين فيصلو نه ٿي سگهيو آهي.ان حوالي سان پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ فيض شاهه جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ 7 ڪيسن ۾ 142 شاهدن مان 67 جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن، 16 شاهد فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 16 شاهدن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن اهو به ٻڌايو ته انهن ڪيسن ۾ 43 شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.