12 مئي جي قاتلن کي کٽرائي اقتدار ڏنو ويو: عوامي تحريڪ

ڪراچي \ ملير (پ ر) عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جو اجلاس ڊويزن جي صدر ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ جي صدارت هيٺ پپريءَ ۾ ٿيو. اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر حُور النساء پليجي، مرڪزي اڳواڻ نورنبي پليجي ۽ ايڊووڪيٽ اظهار دائودپوٽي خصوصي شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته رسول بخش پليجو پنهنجي دور جو يگانو عالم ۽ مفڪر سياستدان هو جنهن ملڪ ۾ پورهيت عوامي سياست ۾ نوان لاڙا متعارف ڪرايا. 12 مئي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.  اجلاس کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ 12 مئي تي عدليه جي آزادي لاءِ نڪتل پرامن احتجاج ڪندڙن  تي  ايم ڪيو ايم جا دهشت گرد هلاڪو ۽ هٽلر بنجي ڪڙڪي پيا عوامي تحريڪ جي سنيئر اڳواڻ محمد نواز ڪنراڻي کي دهشتگردن شهيد ڪيو. 12 مئي جي  قاتلن ۽ دهشت گردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بدران اليڪشنون کٽرائي اقتدار ڏنو ويو آهي. هنن چيو ته  ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري سنڌو درياءُ کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. ملڪ جي اشرافيه  امير کان امير ترين ٿي وئي ۽ عوام غريب کان غريب ٿي ويو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.