ميرپورماٿيلي ۾ پريا ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ريلي

ميرپورماٿيلو (رپورٽ پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ۾ پريا ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي سڏ تي ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر پريس ڪلب ميرپورماٿيلو  آڏو احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ريلي اڳواڻي مفتون ڪورائي، امتياز نائچ، محسن ڪورائي،پريم راٺوڙ، اياز کھاوڙ، ارشاد سومرو ۽ ٻين ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي مفتون ڪورائي جو چوڻ هو ته لڳ ڀڳ ٽي سال گذري چڪا آهن پر سنگرار واسي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي اڃا بازياب نه ڪرايو ويو آهي معصوم پريا ڪماري سڄي سنڌ جي نياڻي آهي ھن کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي، عوامي آواز سان ڳالهائيندي محسن ڪورائي، نصرالله گڏاڻي جو چوڻ هو ته پريا ڪماري سيدن وٽ قيد آهي پر خبر ناهي انھي کي بازياب ڇو نٿو ڪرايو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.