ٽئڪس دائرو وڌائڻ کان پوئتي نه هٽنداسين، نجڪاري طرف وڌڻو پوندو\محمد اورنگزيب

لاهور (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته جيڪي واپاري ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن اهي پاڻ ٽيڪس نيٽ ۾ اچن، کين سهولتون ڏينداسين پر ٽيڪس نيٽ شموليت مهم کان پوئتي نه هٽنداسين. لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت ۾ بهترين ڪم ٿيو آهي ۽ نگران حڪومت جي دور کي به ڪريڊٽ وڃي ٿو، شهباز شريف حڪومت ۽ نگران حڪومت 9 مهينن جي معاهدي کي چڱي ريت نڀايو. هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام چاهيون ٿا ته نجڪاري ڏانهن وڃڻو پوندو ۽ نجي شعبي کي اڳتي اچڻو پوندو، بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جا بورڊ تبديل ڪري رهيا آهيون، ان ۾ نجي شعبا به شامل ڪنداسين، اسان کي بجلي چوري مڪمل طور ختم ڪرڻي آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪس، جي ڊي پي ۽ توانائي تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي ٽيڪس نيٽ وڌائڻو آهي ۽ ان جو سبب آءِ ايم ايف ناهي پر اها ملڪ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ 8 کان 10 ٽريلين ڪيش هن وقت مارڪيٽ ۾ گهمي رهيو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته اپريل ۾ اسان ٽيڪس رجسٽريشن لاءِ مهم شروع ڪئي هئي، ماڻهو سمجهن ٿا ٽيڪس نيٽ ۾ اچي ويندا ته کين بنا جواز هراسان ڪيو ويندو، جيڪو واپاري ڀاءُ ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهي اهو پاڻ ٽيڪس نيٽ ۾ اچي، کين هر قسم جي سهولت ڏينداسين پر ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي مهم کان پوئتي نه هٽنداسين. وفاقي وزير چيو ته حڪومتي پاليسين سبب پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، معيشت کي دستاويزي بڻائينداسين، اسان کي ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ بجيٽ خسارو ختم ڪرڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.