ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اعتراف ڪيو آهي ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ مزاحمت تي قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ هر روز اسٽريٽ ڪرائم جا 400 واقعا رپورٽ ٿين ٿا ۽ هر سال 80 هزار واقعا ٿين ٿا، اسٽريٽ ڪرائم اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جاري آهي. آءِ جي سنڌ چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ مزاحمت تي قتل ۽ زخمين جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، ڦر دوران شهرين کي قتل ۽ زخمي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 64 سيڪڙو ڪيس ڦر دوران شهرين کي قتل ڪرڻ جا رپورٽ ٿيا آهن نشان لڳايو ويو. سندس چوڻ هو ته اسٽريٽ ڪرائم جا 80 هزار واقعا هر سال رپورٽ ٿين ٿا، ڪراچي ۾ روزانو 400 کان وڌيڪ واقعا ٿين ٿا، چوري جي ڪيسن جي جاچ لاءِ 67 جاچ آفيسر مختص ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڏوهارين جو انگ 8 کان 12 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي، جن جي ٽيگنگ ڪئي پئي وڃي ۽ پوليس کي به ان حوالي سان ٽريننگ ڏني پئي وڃي، شهر ۾ موٽرسائيڪل چوري جا واقعا وڌيڪ آهن، ڪراچي جي 108 پوليس اسٽيشنن هڪ پوليس اسٽيشن ۾ 250,000 جي آبادي آهي. هن چيو ته منشيات به شهر جو وڏو مسئلو آهي، صوبي جي داخلائن تي سختي ڪري رهيا آهيون ۽ ڪيمرا لڳايا پيا وڃن، صوبي ۾ پوليس جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ پوليس ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري رهي آهي، ڪيترائي ڏوهاري مارجي ويا آهن،آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي آهي، جيڪا سموري معاملي جي جاچ ڪري پئي. سندس چوڻ هو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪڏهن سندس وارثن کي سڪيورٽي جي ضرورت پئي ته ڏني ويندي. هن چيو ته جيڪب آباد جي مولاداد ٿاڻي جي حد مان اڳوڻي صلاحڪار بابل ڀيو جي پٽ کي آزاد ڪرڻ جو پوليس مٿان الزام هنيو ويو، جيڪڏهن ائين هجي ها ته پوليس اهي هٿيار يا ماڻهو منظرعام تي ڇو آڻي ها، هن چيو ته پوليس جي بهتر ڪم کي ساراهيو نٿو وڃي.
-
نوابشاهه ۾ پوليس اهلڪار ڦر دوران مزاحمت تي زخمي
نواب شاهه(ڊ ر)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد خان پيٽرول پمپ جي ڀرسان ٽي نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي پوليس سپاھي منور مري کان ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي کيس گوليون هڻي فرار ٿي ويا زخمي نوجوان کي شهرين پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه آندو جتي سندس علاج جاري آهي زخمي پوليس اهلڪار منور مري پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوآرڊينيٽر سهراب مري جو سوٽ ٻڌايو وڃي ٿو ياد رهي ته نوابشاهه ۾ موٽر سائيڪل ڦر چاٻي چوري ۽ دڪانن جا تالا ٽوڙي چوريون معمول بڻيل آهن تنهن کان سواءِ جيڪو شخص مزاحمت ڪري ٿو ته کين گولين جو بک بڻايو وڃي ٿو نوابشاهه واسي سخت پريشان انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل نوابشاهه جي ساڃاهه وندن صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ نوابشاهه جو امن امان جي صورتحال کي بحال ڪيو وڃي ٻئي صورت م نوابشاهه م سخت احتجاج ڪيو ويندو