ڪنڌڪوٽ /تنگواڻي (ممتازسنڌي/ مهتاب ملڪ) ڪنڌڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي باھو چوڪي تي ھٿياربندن حملو ڪري ھڪ پوليس اھلڪار نويد جکرو کي سرڪاري ھٿيار سميت اغوا ڪري ويا اطلاع تي پوليس نفري به پھچي وئي ، پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مبينا مقابلو ٿيو جنهن ۾ 2 ڏوھاري ۽ ھڪ پوليس اھلڪار زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، پوليس ترجمان موجب ڏوھارين باھو چوڪي تي فائرنگ ڪئي جنھن دوران پوليس ۽ ڏوھارين ۾ مقابلو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊيرا سرڪي ٿاڻي جي حد ۾ بدنام ڏوھاري دلبر ملڪ گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، سندس 2 ساٿي زخمي ٿي پيا آهن، جن کي سندس ساٿي کڻي ويا آهن، مارجي ويل ڏوھاري مٿان اغوا، پوليس مقابلا، ڦر سميت مختلف نوعيتن جا 15 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن، وڌيڪ پوليس جاچ ڪري رھي آهي. جڏھن ته اغوا ٿيل پوليس اھلڪار نويد جکرو جي اغوا ڪندڙن ويڊيو وائرل ڪري ڇڏي، جنهن ۾ وردي پاتل ۽ پير تي پٽي ٻڌل پوليس اھلڪار کي مٿان لٺ ھڻي ويڊيو ڀريو پيو وڃي، جنهن ۾ پوليس اھلڪار آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ کي اپيل ڪندي چيو ٿو ته ڄنگهھ ۾ گولي لڳل آهي، مون کي بچايو ھي مون کي ماريندا، ڪنڌڪوٽ ۾ جيڪي به سبزوئي ٻڌل آهن ھنن کي آزاد ڪيو، مون کي بچايو وڃي.