گرلز ڊگري ڪاليج تان قبضو ختم ڪرائڻ وارو عدالتي حڪم

تحرير: دوست حفيظ چنا

تازو دنيا جي سپر پاور ۽ ترقي يافته ملڪن جي لسٽ شايع ڪئي وئي آھي جن پنهنجي طاقت ۽ ترقي کي برقرار رکيو آھي جنھن ۾ آمريڪا مسلسل پنهنجي پوزيشن کي برقرار رکندي پھرين نمبر تي جڏھن ته چين ۽ رشيا ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آھن ـ

جيڪڏهن انھن جي ترقي ۽ استحڪام جو سبب ڳولهجي ته اهو طاقت، پيسو، زمين يا آبادي جي گھڻائي نه پر علم ۽ تعليم تي بيٺل نظر ايندو. اڄ جو انسان چنڊ تي پهتو آهي ته سمنڊ ۽ زمين جي اندر به لٿو آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه تعليم ۽ علم جي ڪري ممڪن ٿيو آهي. دنيا ۾ اڄ جيڪا ترقي ٿي رھي آھي اھا صدين جي ڪيل کوجنائن جو نتيجو آهي،

اھوئي سبب آھي جو اڄوڪي دور ۾ ايجادون بـ تيزي سان ٿي رھيون آھن ۽ ترقيون به انھن ايجادن جو نتيجو آھن ـ سالن جا ڪم ڏينهن ۾ ٿيڻ لڳا آهن ۽ ڏينهن جا ڪلاڪن ۽ منٽن ۾، اهوسڀ ڪجهه دنيا ۾ منظم نموني سان سائنس ۽ ريسرچ جا ادارا ٺاهي سڄي دنيا جي دماغن ۽ ڏاهپ کي گڏيل پليٽفارم تي آڻڻ جي ڪري ٿيو آهي، جنهن ڪري دنيا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا به وڌيا آهن ته نيون کوجنائون به تڪڙيون ٿيڻ لڳيون آهن ـ

دنيا علم ۽ سائنس جي ادارن کي ترقي ۽ ھٿي وٺرائي اڳتي وڌي رھي آھي ۽ اسان پنهنجي ادارن ۽ خصوصن تعليمي ادارن کي تباھ ڪري رھيا آھيون ۽ انھن لاءِ  الاٽ ڪيل زمينن تي قبضا ڪري پئسو ڪمائڻ جي حوس ۾ مبتلا آھيون اسان ھن معاشري کي اجتماعي طور ترقي يافتـه ڏسڻ نٿا چاھيون پر پنهنجي انفرادي ترقي ڪرڻ چاھيون ٿا پوءِ ڇو نـ اسان کي پنهنجا ادارا تباھ ڪرڻا پون.

تازو ڪراچي جي سنڌي وسندي ۾  شاهنواز شر ڳوٺ جيڪو سچل ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ، ايوب ڳوٺ ۽ ٻين کوڙ سنڌي وسندين جي ويجهو آهي اتي نياڻين جي ڪاليج گورنمنٽ گرلز ڊگري ڪاليج شاھنواز شر ڳوٺ، پبلڪ پارڪ ۽ وومين ڊولپمنٽ ڪامپليڪس لاءِ  مختص ڪيل زمين تي قبضا مافيا پاران قبضي ۽ بعد ۾ عدالت کان اسٽي آرڊر ورتو ويو ڊگري ڪاليج جي ان جڳهھ  تي قبضو ڪندڙ کي حڪومتي آشيرواد حاصل آهي ـ ان زمين کي قبضي مافيا کان ڇڏائڻ لاءِ  علائقي جي باشعور عوام ڪوششون ڪيون ۽ عدالت پاران ڪاليج جو ڪم بند ڪرائڻ واري منع نامي کي سنڌ ھاء ڪورٽ رد ڪندي حڪم ڪيو آھي ته ھي عوامي ڀلائي جا منصوبـا آھن ڪنهن کي بـه قبضا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ـ

ھاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي بعد علائقي جي باشعور عوام ۾ سرھائي آئي آھي ـ

سنڌ جي انهن قبضا مافيا کي گذارش آھي تـه سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن ۽ خاص طور نياڻين جي ترقي لاءِ  ٺھندڙ ادارن کي ھاڻي بخش ڪيو ڪراچي ۾ سنڌين کي آباد ڪرڻ ۽ سنڌي آبادين کي ھٿي وٺرائڻ بھتر عمل آھي پر اتي ادارن کي نقصان پھچائي سوسائٽين جي تعمير ڪرڻ سان نقصان پنهنجو ئي ٿيندو موجوده وقت ۾ ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ علمي، سائنسي ۽ تفريحي سرگرمين کي پڻ ھٿي وٺرائڻ جي ضرورت آھي ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.