ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل 5 بئنڪ ملازم بازياب نه ٿيا، مغوين جي وارثن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ : عرفان علي کوسو )ڪنڌڪوٽ جي دڙي اسٽاپ ويجهو اغوا ٿيل 5 بئنڪ ملازمن جي بازيابي لاءِ وارثن پاران ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي  حد انڊس ھاءِ وي دبئي ھوٽل وٽ مين انڊس ھاءِ وي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.روڊ بلاڪ هجڻ ڪري ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.احتجاجي ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ شهر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شهرين ۽ مغوين جي وارثن شرڪت ڪئي.اڳواڻن مغوين جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ ۽ ڌاڙيلن جو مغوين سان ڪيل ظلم خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ اُڀ ڏاريندڙ نعره هنيا.ان موقعي تي اڳواڻن دلمراد ڏاهاڻي،اڪرم باجڪاڻي،شاهنواز مرهيٽو،اي ڪي اوڳاهي،فدا مهمداڻي،خادم ڏاهاڻي،بهادر گولو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مھينو اڳ ڌاڙيلن نجي بئنڪ ملازمن گلاب ڏاھاڻي،الطاف گولو،محمد عالم گولو،شھنواز نصيراڻي،فرمان لانگاھ، کي اغوا ڪري ويا ھئا جيڪي اڃان تائين پوليس مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي ۽ ڏوهاري مغوين مٿان ظلم تشدد ڪري رهيا ڏوهارين پاران مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن کان 80 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن کي ڀنگ جا پئسا نه ملڻ تي هو روز فونون ڪري مغوين تي تشدد ڪندي کين رڙين جا آواز ٻڌائيندا رهن هنن جو چوڻ هو ته چند ڌاڙيل پوري ضلعي جي پوليس ۽ ادارن لاءِ مٿين جو سور بڻيل آهن پر پوليس هنن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ کک ڀڄي ٻيڙو ناهي ڪيو مغوين جي وارثن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جلد کان مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري رهندو.هوڏانهن اي ايس پي عتيق الرحمان مغوين جي وارثن سان ڳالهيون ڪري 3 ڏينهن اندر مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي يقين ڌياني ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو وارثن چتاءُ ڏنو ته 3 ڏينهن اندر مغوي بازياب نه ٿيا ته ٻيهر ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.