آزاد ڪشمير ۾سستي بجلي، سستي اٽي لاءِ هڙتال،پوليس اهلڪار مارجي ويو

ميرپور ( م ڊ )  آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي اپيل تي 10 ضلعن ۾ ٻئي ڏينهن به شٽر ڊائون هڙتال جاري آهي،  جنهن سبب خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ميرپور ۾ انتظاميا ۽ مظاهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران پوليس اهلڪار اي ايس آءِ عدنان مارجي ويو.28 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 98   مظاهرين زخمي ٿي پيا،52 زخمين  کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪوٽلي اسپتال ۾ 40 ڄڻن کي منتقل ڪيو ويو،  ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ، دڪان، مارڪيٽون ۽ ڪاروباري مرڪز بند آهن، غيرمعمولي صورتحال سبب مقامي ۽ سياح ٻئي ڦاٿل آهن. ان کان علاوه اسلام آباد طرف پيپلز ايڪشن ڪميٽي جي لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ انتظاميا مظفرآباد ويندڙ رستن تي رڪاوٽون لڳائي ڇڏيون آهن.ٻئي طرف ميرپور ۾ اسلام ڳڙهه جي هنڌ تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي مظاهرين ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ عدنان فاروق مارجي ويو. اي جي پوليس موجب اسلام ڳڙهه ۾ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ فرض سرانجام ڏيڻ دوران مظاهرين جي فائرنگ ۾ سب انسپيڪٽر عدنان فاروق مارجي ويو. ان حوالي سان مليل اطلاعن موجب سب انسپيڪٽر کي ان وقت گوليون لڳيون جڏهن اسلام ڳڙهه کان مظفر آباد ويندڙ جلوس کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا فائر ڪيا ۽ لاٺي چارج ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته جلوس جي فائرنگ سان سب انسپيڪٽر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر آندو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو. گڏيل عوامي ايڪشن ڪميٽي اعلان ڪيو آهي ته چارٽر آف ڊيمانڊ پورا نه ٿيڻ تائين ڦيٿا روڪ ۽ شٽر ڊائون هڙتال جاري رهندي. جنهن بعد پوليس، انتظاميا ۽ مظاهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. زندگي جو نظام معطل بڻيل آهي، تعليمي ادارا ۽ سرڪاري آفيسون بند آهن. احتجاجن سبب روڊ بلاڪ آهن، عوامي ۽ شهر اندر آمد و رفت مڪمل طور بند ٿي وئي آهي، سياحن جي آمد تمام گهٽ ٿي وئي آهي ۽ روڊ بند ٿيڻ سبب واپسي ڪندڙن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پر جيڪي سياح پرائيويٽ گاڏين ۾ واپس وڃڻ چاهين ٿا انهن کي ڪڏهن ڪڏهن رستو ڏنو پيو وڃي ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي متبادل رستو ٻڌايو پيو وڃي. راڄڌاني وارو شهر مظفرآباد ويران آهي، ميڊيڪل اسٽور، تندور، ريسٽورنٽ، بيڪري، کير، ڏهي ، گوشت، ميوا ۽ سبزي جا دڪان بند آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.