اسٽيبلشمينٽ عوامي راءِ دٻائيندي ته 9 مئي جهڙو ردعمل ايندو آهي:سينئر صحافي

لاهور(عوامي آواز نيوز)جيڪڏهن 9 مئي وارو واقعو 1971ع واري سانحي کان به وڏو سانحو آهي ته پوءِ ان جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ته  ڪهڙي طرح ماڻهو ست ڪلو ميٽر پيادل پنڌ ڪري اچي ڪينٽ ۾ داخل ٿيا، رستي ۾ کين فوج يا پوليس ڇو نه روڪيو؟ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن احتجاج بابت بيان ڏيندا رهيا ۽ ان وقت ڳجهيون ايجنسيون ڪٿي هيون انهن ان امڪاني ڀڃ ڊاهه متعلق پنهنجون رپورٽون ڇو نه ڏنيون، سينيئر صحافي اعجاز حيدر  هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ ڳالهائيندي چيو ته مٿين اٿاريل سوالن تي ادارن کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي، آخر 9 مئي تي ماڻهو ايئن ڪرڻ تي ڇو  مجبور ٿيا، فوج ۽ عوام جي وچ ۾  اها ديوار کڙي ڇو ٿي، اهي سوين ماڻهو  چريا ته نه هئا جيڪي اچانڪ ۽ هرون ڀرون اچي فوجي سربراهن جي گهرن ۽ فوجي جاين تي حملي آور ٿيا،  ان قسم جا واقعا نه ته فوج لاءِ فائندي مند آهن ۽ نه ئي ملڪي سلامتي ڪاڻ،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.