آئين،قانون،پارليامينٽ ۽ عدليه موجود آهن پر انهن ۾ روح ناهي: ڊاڪٽر مالڪ بلوچ

ڪوئيٽا(بيورو+م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ناليواري سياستدان مختيار باچا جي ياد  ۾ پريس ڪلب ڪوئيٽا ۾ تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي نيشنل پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر مالڪ بلوچ چيو ته مختيار باچا  سڄي زندگي ملڪي قيام،عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ۾ بيشمار تڪليفون برداشت ڪيون، هو هڪ حقيقي سياسي اڳواڻ هو. ڊاڪٽر مالڪ بلوچ چيو ته 8 فيبروري جي چونڊن ۾ جنهن جرئت سان چونڊ نتيجا تبديل ڪيا ويا، جنهن ملڪ ۾ هڪ نئون سوال اٿاريو ته عوام کي ووٽ جو حق ڏيارڻ وارو نعرو هاڻ ٻيهر بلند ڪرڻو پوندو، ان تڪن تان جتان هنن کي جعلي مينڊيٽ ڏني وئي آهي، اسيمبيلن جي سودي بعد هاڻي بدلين ۽ مقررين جو سودو شروع ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ نوڪرين جو وڪرو شروع ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو ڪروڙين رپيا ڏئي ڪري آيا آهن اهي اربين رپيا ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندا،هن چيو ته ملڪ ۾ آئين، قانون،پارليامينٽ ۽ عدليه موجود آهن پر انهن ۾ روح ناهي، ڊاڪٽر مالڪ بلوچ چيو ته مختيار باچا جو فلسفو آهي ته سياسي ڪارڪن هر قسم جي حالتن کي منهن ڏين ٿا، سينيئر سياستدان نيشنل ڊيموڪريٽڪ مومينٽ جي مرڪزي ريسرچ اينڊ پاليسي ڪميٽي جي سربراهه افراسياب خٽڪ چيو ته مختيار باچا ڇهن ڏهاڪن تائين متحرڪ جدوجهد ڪئي، هو منهنجو 1970 کان سياسي ساٿي رهيو آهي، هو ليفٽ سياست جو روشن خيال ۽ ترقي پسند سياستدان هو ۽ وڏي ڪردار جو مالڪ هو. هن چيو ته پاڪستان جي سمورن مسئلن جو حل نيشنل عوامي پارٽي (نيپ) وٽ هو، جنهن کي وڌڻ نه ڏنو ويو، هن چيو ته رياستي ادارا مفلوج ٿي ويا آهن، پارليامينٽ نالي ماتر آهي، قومي محڪومي بدترين شڪل ۾ آهي، ڪير به آئين کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته بلوچن ۽ پشتونن سئو سالن تائين انگريزن سان جنگ ڪئي پر غلامي ڪڏهن به قبول نه ڪئي، هن چيو ته سياسي ۽ معاشي بحرانن ۾ جڪڙيل رياست ڪيئن طاقت جي زور تي انهن کي بنيادي وسيلن کان محروم ڪري سگهي ٿي. افراسياب خٽڪ چيو ته هاڻوڪي چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي ۽ پئسو جهازن ذريعي منتقل ڪيو ويو، پاڪستان آئين کانسواءِ نٿو هلي سگهي، جيڪو موقف ۽ مستقل مزاجي اسان جي بزرگن اختيار ڪئي آهي، اسان کي به اهو موقف ۽ تسلسل اختيار ڪرڻو پوندو ته پوءِ پاڪستان ٺيڪ ٿيندو، عوام کي خودمختياري جو حق ملندو ۽ خوشحالي ايندي. هن چيو ته حقيقي جمهوريت جي قيام ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ جمهوري قيادت کي متحد ٿيڻو پوندو. تقريب ۾ محبت ڪاڪا هزاره، قادر نيل، سينيٽر جان محمد بليدي، بشريٰ گوهر، حسن بشير. رحمت صالح بلوچ ،حاجي عطا محمد بنگلزئي ۽ ٻين بزرگ اڳواڻ مختيار باچا کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو

ڪوئيٽا (بيورو) نيشنل پارٽي جي سربراهه، بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ  بلوچ سان بزرگ ۽ سينيئر سياستدان افراسياب خٽڪ، نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي چيئرمين محسن داوڙ ۽ وزيراعليٰ بلوچستان جي اڳوڻي ڪوآرڊينيٽر احمد جان جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي ۽ وفد داڪٽر عبدالمالڪ بلوچ سان سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي چيو ته ملڪي تاريخ جون بدترين چونڊون ٿيون، عوام جي مينڊيٽ کي لتاڙيو ويو آهي ۽ عوام جي ارادي ۽ ارادي جي فتح ٿي آهي. هنن چيو ته اهڙن قدمن سان ملڪ وڌيڪ سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار ٿيندو. اڄ به جمهوريت جي بحالي، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ قومن جي برابري اهم مسئلا آهن، جن تي قومي، سياسي ۽ جمهوري قوتن کي متحد ٿي شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون ڪرائڻ گهرجن. اڳواڻن قومي ادارن پاران چونڊ عمل ۾ مداخلت خلاف متحد ٿي پنهنجو جمهوري سياسي ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.