اسلام آباد (م ڊ) حڪومت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کي بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، قرض ۽ بجيٽ ڳالهين کان اڳ آءِ ايم ايف معاشي چئلينجن جو انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيوب ويل سبسڊي ختم ڪئي وڃي. توانائي سڌارن کانسواءِ پاڪستان جي معيشت کي خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف جون 2024ع کان بجلي جا اگهه 6 مهينن جي بنياد تي وڌائڻ، بجلي چوري روڪڻ ۽ عوام تائين بجلي
پهچائڻ واري نظام کي بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته 25-2024ع ۾ بجلي جي قيمتن ۾ سالياني واڌ جو نوٽيفڪيشن ٿڏي تي جاري ڪيو وڃي، جڏهن ته بجلي جي خريداري جي معاهدن تي نظرثاني ۽ زرعي ٽيوب ويلن جي سبسڊي ۾ سڌارن جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب گئس شعبي جو گردشي قرض جنوري 2024ع تائين 2083 ارب رپيا هو. آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته سموريون فرٽيلائزر ڪمپنين کان گئس جي مڪمل قيمت وصول ڪئي وڃي، وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي صنعتن لاءِ گيس جي قيمتن ۾ فرق گهٽ ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت موجب ادارن مٿان قرضن جي روڪٿان بابت واهپيدارن کان مڪمل ريڪوري جو پلان تيار ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت پاران آءِ ايم ايف جي مطالبي تي پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.