پير پاڳاري جو ويجهو عزيز قائم شاهه راشدي پ پ ۾ شامل

ڪراچي (رپورٽر) حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳارا جي مائٽ قائم شاهه راشدي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي لياري مان چونڊيل ايم اين اي سردار نبيل گبول ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندڙ قائم شاهه راشدي پير نادر شاهه جو فرزند آهي. پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي قائم شاهه راشدي  چيو آجي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت تي اعتماد ڪندي هو پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري رهيو آهي، هو پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. ٻئي طرف نثار کهڙي چيو آهي ته سنڌ جي بجيٽ عوام دوست بجيٽ هوندي، جنهن ۾ ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ سميت عوام کي رليف ڏنو ويندو. هن چيو ته عوام بيروزگاري ۽ مهانگائي جو شڪار آهي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت 10 نقاطي عوامي معاشي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ قدم کڻي رهي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.