ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي تي غور ويچار ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ صدر آصف علي زرداري ريڊ لائين بي آر ٽي ۾ خاص دلچسپي ۽ توجهه ڏئي رهيو آهي.ھن چيو تھ صدر آصف زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه چاهين ٿا ته ريڊ لائين بي آر ٽي جلد مڪمل ٿئي، ريڊ لائين بي آر ٽي اوليتي منصوبن ۾ شامل آهي، سنڌ حڪومت ان جي تڪميل لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ نگران حڪومت ۾ ايڏي وڏي عوامي منصوبي تي ڌيان نه ڏنو، نگران حڪومت جي عدم دلچسپي سبب ريڊ لائن منصوبو ڪيترن ئي مهينن کان التوا جو شڪار هو، سنڌ حڪومت ريڊ لائين بي آر ٽي جو ڪم 18 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ گھري ٿي، ريڊ لائين بي آر ٽي تمام ضروري آهي، چاهيون ٿا ته عوام ان مان جلد فائدو وٺي، مهانگائي ۽ ٻين مسئلن سبب عوام جي فائديمند منصوبن ۾ دير ٿي رهي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ وڌيڪ دير برداشت نه ٿا ڪري سگهون، ريڊ لائين بي آر ٽي تي ڪم جا سمورا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ٽرانس ڪراچي جي آفيسرن، انٽرنيشنل ڪنسلٽنٽس ۽ ڪانٽريڪٽرن ريڊ لائين منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.