سنڌ جي وڏي وزير پاران يوسين جا فنڊ وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته يونين ڪائونسلن جي نمائندن جي مطالبي تي هن سمورن يو ايس سيز  جا فنڊ وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن اهي پنهنجن علائقن جي عوام جي خدمت ڪري سگهن. آئون توهان کي (يوسيز) لاءِ وڌيڪ فنڊ ڏيندس ۽ توهان انھن جي منصفاڻي خرچن لاءِ جوابده هوندا. وڏي وزير چيو ته 2018ع جي گذريل چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 3 ايم اين اي سيٽون کٽيون هنيون ۽ هن ڀيري اسان 7 ايم اين اي ۽ 12 ايم پي اي جون سيٽون کٽيون آهن جيڪو بلاول ڀٽو جو پيغام ڪراچي جي عوام تائين پهچائڻ ۾ پارٽي ڪارڪنن جي محنت ۽ قابليت جو مظهر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه بجيٽ لاءِ پيپلز پارٽي جي نمائندن ۽ پارٽي ڪارڪنن جي ڪوٺايل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس وزيراعليٰ هائوس جي بئنڪوئيٽ هال ۾ ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، سردار شاهه، شاهين شير علي، صلاحڪار نجمي عالم، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله، ايم اين ايز قادر پٽيل، حڪيم بلوچ، نبيل گبول، ڊاڪٽر اختر بقا، سينيٽر نديم ڀٽو، مسرور احسن، ايم پي ايز، ضلعي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين، مڪاني ادارن جي نمائندن ۽ پارٽي ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.