9 مئي جي معاملي تي بظاھر وڏي گھمسان جي جنگ نظر اچي پئي،پر اھو ڪو حقيقي طوفان نھ آھي، پر مڪمل طور تي مصنوعي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو رڳو زباني ڪلامي آھي.ڌرين جو سمورو زور ميڊيا تي بيانن جي حد تائين آھي،بھرحال عمران خان جو اھو مطالبو ھو تھ اھو ڳالھيون ڪندو تھ رڳو مقتدرا سان ڪندو،باقي ٽنهي نام نهاد وڏين پارٽين سان ڪي بھ ڳالهيون نه ٿينديون.جنھن کي فوج اھو چئي رد ڪري ڇڏيو تھ جيستائين عمران خان 9 مئي جي واقعن معافي نھ گھرندو، ان وڳوڙي ٽولي سان ڪي بھ ڳالھيون نھ ٿينديون.ان جي ردعمل ۾ عمران خان اڊيالھ جيل مان ڳالھھ ٻول ڪندي چيو آھي تھ ھو ڪنھن بھ صورت ۾ معافي نھ وٺندو.بلڪھ 9 مئي جو واقعو جن عنصرن ڪرايو ھو الٽو اھي معافي وٺن.
مونکي تھ اھي شڪوھ شڪايتون لڳن ٿيون ڇاڪاڻ جو ٻنهي ڌرين جي دل جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪ ٻئي لاءِ همدردي يا پسنديدگيءَ جو عنصر ضرور رکن ٿيون. ڇاڪاڻ ته 9 مئي کي هڪ سال گذري ويو آهي ۽ ڪنھن هڪ به جوابدار کي سزا نه ملي آهي. ان حوالي سان سول عدالتن ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، بلڪھ فوجي عدالتن مان بھ ڪنهن به ملزم يا ڏوھاري کي سزا نه ملي آهي ۽ جيڪڏھن ڪنھن کي سزا ملي ھجي ۽ اعلان نھ ڪيو ويو ھجي تھ اھا الڳ ڳالھھ آھي.
ھا اھو ضرور آهي فوجي ترجمان جي پريس ڪانفرنس جو عمران خان جنھن دليري سان جواب ڏنو يا پي ٽي آءِ ،جي حلقن ۾ وڏي واھ واھ ٿي رھي آھي ۽ عمران خان کي هڪ دلير ليڊر طور پيش ڪيو پيو وڃي،ان سان بھ عمران خان کي سياسي فائدو ٿيو آھي،ان جي باوجود تھ تحريڪ انصاف جي اندر واضح اختلاف اڀري رھيا آھن،نئين صورتحال جو پارٽي سربراهه کي فائدو ملي رهيو آهي.مثال طور سندس گھرواريءَ جي درخواست تي ھن کي ھن کي بني گالا محل مان اڊيالھ جيل منتقلي کي اصولي طور تي دليري جي طور تي ڏٺو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته اڄ تائين عمران خانوانگر ڪو به اڳواڻ مقتدار سان ٽڪر ۾ نھ آيو آھي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته تحريڪ انصاف 8 فيبروري جي چونڊن ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪئي، پر ان جي اڪثريت گھٽائي وئي.جيڪڏھن 9 مئي جي واقعن باوجود تحريڪ انصاف کي سڀ کان وڌيڪ ووٽ مليا، تھ اهو عمل ڇا ثابت ڪري رهيو آهي؟ مولانا تھ اڳي ئي چئي چڪو آهي ته 8 فيبروري جي اليڪشن 9 مئي واري بيانيئي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، خود مولانا به تحريڪ ھلائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڪا اڳڀرائي نھ ڪري رهيو آهي، پر ڪجهھ هزار شاگردن جو ميڙ سڏائي اھو ان کي ”ملي مارچ“ جو نالو ڏئي رھيو آهي.حالانڪھ ملين جو مطلب 10 لک ھوندو آھي.اڄ تائين مولانا جي ڪنھن به احتجاجي جلسي ۾ 10 لک ماڻھن شرڪت نه ڪئي آهي، مولانا جي پنهنجي موقف ۾ به تضاد آهي ۽ ھڪ پاسي ھو 8 فيبروري جي جي چونڊن جي حوالي سان عمران خان جي موقف جي تائيد ڪري رھيو آھي تھ ٻئي طرف هن سان اتحاد جي هٿ وڌائڻ کان به پاسيرو آھي.حالانڪھ ان صورت ۾ سياسي صف بندي واضح آھي، ھڪ طرف عمران خان ۽ سندس جماعت پي ٽي آءِ آھي ۽ ٻئي پاسي مقتدرا ۽ ان جي تابع جماعتون ن ليگ،پيپپزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم آھن.مولانا ڪنھن سان بھ گڏ نھ آھي.بھرحال محمود خان اچڪزئي جي صورت ۾ عمران خان کي سٺو ساٿي ملي ويو آهي. جنھن فوجي ترجمان جي پريس ڪانفرنس جي جواب ۾ چيو ته اوهان ماڻهن ڪيترائي ڀيرا آئين ٽوڙيو پر هڪ ڀيرو به معافي ناھي ورتي.جيڪڏھن اوھان پنھنجي ڪئي جي معافي وٺو تھ اسين عمران خان کان به معافي وٺرائنداسين.
جيتوڻيڪ محمود خان اچڪزئي عمران خان جو اتحادي آهي ۽ صدارتي اميدوار به بڻيو پر اڃا تائين انضمام جي باري ۾ نھ سوچيو آھي.حالانڪھ ايتري ويجھڙائي آھي جو انضمام ۾ ڪا خرابي نه آهي، ڇاڪاڻ ته عمران خان هن وقت پشتون قوم جو مقبول ترين اڳواڻ آهي، دعويٰ ڪئي پئي وڃي تھ طالبان حڪومت جي ڪيئي وزيرن جي دفترن ۾ عمران خان جي تصوير ٽنگيل آھي.جيڪڏھن محمود خان اچڪزئي،پي ٽي آءِ سان انضمام ڪري پنھنجي مقصد کي اڳيان وڌائي تھ سياسي طور تي ھو فائدو ۾ رھندو.جڏهن ته سندس جماعت بلوچستان جي هڪ ننڍڙي علائقي تائين محدود آهي ۽ سندس اھو موقف فيل ٿي چڪو آھي تھ بلوچستان جي اترين علائقن تي ٻڌل ھڪ صوبو جوڙيو وڃي.جنھن جو نالو ڏکڻ پختونخوا رکيو وڃي.پاڪستان ۾ شامل پختونن وٽ پنھنجو صوبو آھي.وڌ ۾ وڌ ڏکڻ پختونخوا ان ۾ ضم ٿي سگھي ٿو، جيئن فاٽا جا آزاد علائقا ضم ڪيا ويا. ايتري ننڍڙي ايراضيءَ تي صوبو جوڙڻ ناممڪن آھي،تنھنڪري محمود خان لاءِ بهتر آهي ته هو افغان ملت جي وحدت جي نظرئي تي ڪم ڪري ۽ ان مقصد جي لاءِ عمران خان جي مقبوليت کي استعمال ڪري.ھا ان ڳالھھ جي ڪا ضمانت نھ آھي تھ عمران خان ڪڏھن فوج سان ٺاهه ڪري وٺي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اھي پاڻ ۾ کيرکنڊ ٿي وڃن.اھڙي صورت ۾ محمود خان اڪيلو رهجي ويندو.بھرحال انضمام جي صورت ۾ ھو ھڪ نمايان ۽ وسيع ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.ڇاڪاڻ جو پختونن ۾ ڪٿي نھ ڪٿي اھا سوچ موجود آھي تھ جيڪڏھن سندس بالادستي قبول نھ ڪئي وئي تھ اھي آخري حد تائين ويندا. 9 مئي 2023 تي پارٽي اڳواڻ شندانھ گلزار اهو نعرو هنيو ھو ته جيڪڏهن عمران خان نه تھ پاڪستان نھ.ان ڪلپ کي گذريل ڏينھن بار بار ڏيکاريو ويو ۽ منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو اهو سڀ ڇا آهي؟ ايئين لڳي ٿو ته وڏا وڏا دشمن صف ٻڌل آھن.
پر حقيقت ۾ ائين نھ آھي.جلد يا دير سان ڌريون ڳالهين جو رستو اختيار ڪنديون، ڇو ته ٻنهي ڌرين جو ھڪ ئي ڊوميسائيل آهي،ان ڪري هتي غداري جو معاملو نٿو ھلي. جيڪڏهن 9 مئي جا واقعا بلوچستان ۾ ٿين ھا، ته ھاڻي تائين خبر ناهي ڇا ڪجھه ٿي چڪو ھجي ھا.آخر پنهنجي ماڻھن جو خيال رکڻو پوندو آھي، ڪلھھ تحريڪ انصاف پسنديدھ ھئي اڄ ن ليگ آھي ۽ ڪھڙي خبر ايندڙ سڀاڻي ۾ وري بازي پلٽجي وڃي.ڇاڪاڻ جو پاڪستان جي رياست ۾ جمهوريت نالي جي ڪا شيءِ نھ آھي. جيڪو آئين آهي، ان سان ھر ڀيري کلواڙ ڪيو ويو آھي.رڳو جنرل مشرف کي ھڪ عدالت سزا ٻڌائي هئي پر ھو بھ بيماري جي ڪري گذاري ويو.عدالتي حڪمن تي ھن جي خلاف ڪابھ ڪارروائي عمل ۾ نھ آئي. آئين جو آرٽيڪل 6 متروڪ آھي.ان تي ڪڏھن بھ عملدرآمد نھ ٿيندو.ھن رياست ۾ آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ڊگهي وقت تائين خواب ئي رهندو.
پنجاب ۽ سنڌ جي بي وسي جو اھو عالم آھي ٻئي حڪومتون ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف وڏي ناڪامي جو شڪار آھن.ان وچ ۾ پنجاب حڪومت مير جلالان ڪلپر جي قيادت ۾ ھڪ بگٽي لشڪر تيار ڪيو. جنھن پنجاب حڪومت جي بڪتر بندي گاڏين ۾ سوار ٿي ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪئي.وڏي نفري ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي موجودگيءَ باوجود ڌاڙيلن اڳيان حڪومت جي بي وسي،عبرت جي سبق حاصل ڪرڻ جي حيثيت رکي ٿي.جيڪڏھن قانون ٽوڙيندڙن خلاف پرائيوٽ لشڪر جو سلسلو ھلي پيو تھ حڪومتي رٽ قائم نه رهندي ۽ هر شخص قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻندو ۽ ڪنهن جي جان ۽ مال محفوظ نه رھندا.