لاهور(م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته دشمن قوتون ۽ سندن سرپرست ڪوڙ، جعلي خبرن ۽ پروپيگنڊا سان ڊجيٽل دهشتگردي ڪري رهيا آهن. قوم جي حمايت سان انهن سمورن قوتن جا عزائم خاڪ ۾ ملايا ويندا. آرمي چيف چيو ته دشمن قوتون ۽ سندن سرپرست ڪوڙ، ڪوڙي خبرن ۽ پروپيگنڊا سان ڊيجيٽل دهشتگردي ڪري رهيا آهن، هٿياربند فوج ۽ پاڪستان جي عوام ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر پنهنجي فرضن ۾ ناڪام ٿيندو ۽ ذميوارين کي ترجيح ڏئي ٿو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير لاهور گيريزن جو دورو ڪيو ۽ وطن خاطر قربانيون ڏيندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي يادگار تي گل نڇاور ڪيا. آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي 9 مئي جي ورغلايل ماڻهن کي اڳ ئي شڪ جو فائدو ڏئي چڪا آهيون پر اصل ڏوهي کي حساب ڏيڻ پوندو ۽ ان سان ڪڏهن به ڪا ڊيل نه ٿيندي. هن چيو ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڪارو ڏينهن رهندو، جن ڪارو باب لکيو، انهن سان ڪو سمجهوتو ۽ ڊيل نه ٿيندي. آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج جو هر سپاهي ۽ آفيسر روزاني جي بنياد تي قربانيون ڏئي رهيو آهي، 9 مئي بنا شڪ پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن رهندو. هن ڏينهن تي شرپسندن شهيدن جي يادگارن جي ڄاڻي واڻي بي حرمتي ڪئي، ان ڏينهن تي شرپسندن رياست ۽ قومي اتحاد جي علامتن تي حملا ڪيا، پرتشدد ۽ بزدلاڻن ڪاررواين سان پاڪستان جي دشمنن کي رياست ۽ قوم جو مذاق اڏائڻ جو موقعو مليو. هاڻي اهي ئي سازشي عنصر وڏي نرجائي سان بيانيو ٽوڙي مروڙي ان ۾ رياست کي ملوث ڪرڻ جي سازش پيا ڪن. آرمي چيف چيو ته هن بزدلاڻي منصوبي جا اصل اڳواڻ پاڻ کي بيگناهه ظاهر ڪن ٿا. انهن کي هاڻي انهن جي ڏوهن جو حساب ڏيڻو پوندو، خاص طور تي جڏهن انهن جي ملوث هجڻ جا واضح ثبوت موجود آهن، ڪنهن کي به شهيدن ۽ انهن جي خاندانن يا اداري جي بي عزتي ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. 9 مئي جي سازش ڪندڙن، سهولتڪارن، ڏوهارين کي قانون موجب قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. جنرل سيد عاصم منير چيو ته روزاني اشتعال انگيزين جو جواب نه ڏيڻ کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي ۽ اسان جي صبر کي لامحدود نه سمجهيو وڃي. آرمي چيف لاهور گيريزن ۾ جناح لائبريري جو افتتاح پڻ ڪيو. آرمي چيف چيو ته هڪ تعميري قوت جي حيثيت سان خاڪ جي ڍير تي پبلڪ لائبريري تعمير ڪري قائد جي تقدس کي ٻيهر روشن ڪري رهيا آهيون.
راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته 9 مئي سانحي جي ذميوارن سان ڪا به سودي بازي نه ٿي ٿي سگهي، پاڪستان جون هٿياربند فوجون پنهنجي وقار ۽ عزت کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جو عهد ڪن ٿيون. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب قومي تاريخ جي هن ڪاري ڏينهن تي برين واش ٿيل شرپسندن هڪ بغاوت ڪئي ۽ ڄاڻي واڻي رياستي ادارن خلاف تشدد جو سهارو ورتو. ترجمان موجب شرپسندن ڄاڻي واڻي رياست جي مقدس علامتن ۽ قومي ورثي جي ماڳن تي ڀڃ ڊاهه ڪئي، شرپسندن جو مقصد ملڪ ۾ هٿ ٺوڪيو ۽ تنگ نظر انقلاب آڻڻ جي ناڪام ڪوشش هو، پاڪ فوج جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هٿياربندن فوجن انتهائي صبر جو مظاهرو ڪندي تخريبڪارن، سندن سربراهن ۽ منصوبا سٽيندڙن جي ڪڌي ڪوشش کي ناڪام بڻايو. آءِ ايس پي آر موجب شرپسندن جو بنيادي مقصد افراتفري پکيڙي عوام ۽ هٿياربند فوجن وچ ۾ ٽڪراءَ کي هٿي ڏئي ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ هو، شرپسند ڌرين 9 مئي بابت بيانيي کي ٽوڙي مروڙي پاڻ کي ان کان آجو ڪرڻ ۽ رياستي ادارن تي الزام مڙهڻ جي ڪوشش به ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 9 مئي جي اصل ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته آئنده ڪير به قومي هيروز جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي.