مشهور يوٽيوبر ياسر شامي ڪيس ۾ جوابدار قرار

ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان جي مشهور ٽي وي ميزبان ۽ سياستدان عامر لياقت حسين جي نازيبا وڊيو وائرل ٿيڻ واري معاملي ۾ نئون موڙ اچي  ويو آهي، عدالت مشهور يوٽيوبر ياسر شامي کي عامر لياقت جون وڊيوز وائرل ڪرڻ تي جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن بعد جوابدار ياسر شامي پاڻمرادو عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي، عدالت 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي، عدالت جوابدار ياسر شامي کي ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي. ڪيس جي مرڪزي جوابدار دانيه شاهه ضمانت تي آزاد آهي، جوابدار خلاف ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سيل ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.