9 مئي تي قوم کي ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران 9 مئي واقعي جي حوالي سان پيغام امن تقريب ۾ 9 مئي جي واقعي ۾ شھيد  ٿيلن جي وارثن کي خطاب ڪندي چيو ته  اسان جي ملڪ جي پهرين جمهوري طور چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي 4 اپريل 1979ع تي شهيد ڪيو ويو، اهڙي وڏي عرصي کانپوءِ هن سال سپريم ڪورٽ معافي گهري آهي، محترمه بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي ملڪ دشمنن هٿان سڄي قوم جي سامهون شهيد ڪيو ويو، ان وقت ڪجهه ماڻهو جذباتي ٿي ويا پاڪستان نه کپي جا نعرا هڻي رهيا هئا ۽ 27 ڊسمبر 2007ع تي جڏهن صدر آصف زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو ھو ته ان وقت سموري ملڪ ۾سوڳ ڇانيل هو،هن چيو ته 9 مئي اهو ڏينهن آهي جڏهن قوم کي ورهائڻ جي سازش ڪئي وئي ھئي، ملڪ جا دشمن هميشه هن پياري وطن خلاف سازشون ڪندا رهيا آهن، سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ نوجوان نسل کي افراتفري پکيڙڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 9 مئي تي سڄي پاڪستان ۾ هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت فساد ڪيو ويو، هن وڌيڪ چيو تھ اسان کي پنهنجي ملڪ جي هر شيءِ جي حفاظت سميت پنهنجي فوج جي سپاهين ۽ شهيدن جو احترام ڪرڻ گهرجي. سماجي اڳواڻ رمضان ڇيپا خطاب ڪندي چيو تھ 9 مئي تي سموري ملڪ اندر فساد ٿيو، اها شرم جي ڳالهه آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.