ڪراچي/لاهور/ڪوئيٽا (رپورٽر+بيورو )9 مئي واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي گذريل ڏھاڙي سنڌ اسيمبلي ۾ منعقد ٿيل اجلاس ۾ گڏيل طور تي مذمتي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سال اڳ پيش آيل واقعي کي ملڪ جي خلاف هڪ وڏي سازش هئي ، ان سازش جي سمورن ڪردارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي . وڏي وزير سيد مراد علي مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن تحريڪ انصاف جي حمايت ۾ نعريبازي ڪندي چيو ته اڄ کان هڪ سال اڳ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي، پاڪستان جي دشمنن ملڪ قائم ٿيڻ کان وٺي هن ملڪ خلاف سازشون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جيڪا هڪ وڏي سازش آھي. سنڌ جي وڏي وزير ياد ڏياريو ته 1992ع ۾ پاڪستان خلاف سازش ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر اسرار احمد ۽ حڪيم سعيد جو نالو به ورتو. انھيءَ شخص هميشه ملڪ کي بدنام ڪيو ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جو ڪو به موقعو ھٿان نه وڃايو، مراد علي شاهه چيو ته 9 جي سازش ڪندڙن کي سزا ملڻ تمام ضروري آهي ڇو ته اهي عنصر هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا ذريعي نوجوانن جي ذهنن ۾ زهر ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته اسان جمهوريت پسند ماڻهو آهيون ۽ ڪنهن به غدار سان گڏ بيهي نٿا سگهون، مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيد قرارداد جي حمايت ڪندي چيو ته پاڪستان مادر وطن آهي ۽ هي اسان جي ريڊ لائن آهي، فريال ٽالپر چيو ته 9 مئي اسان جي قومي تاريخ ۾ هميشه ڪاري ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو. سعيد غني چيو تھ 9 مئي واري واقعي ۾ ملوث ماڻهن تمام وڏو ڏوهه ڪيو آهي، عدالت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي سڀ کان وڌيڪ متاثر پارٽي پيپلز پارٽي آهي، 27 ڊسمبر جو سانحو عمران نيازي جي گرفتاري کان به سئو سيڪڙو وڏو هو،هوڏانهن پنجاب اسيمبلي ۾ 9 مئي واقعن خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ٿيندي ئي اپوزيشن ميمبرن پنهنجي سيٽن تان اٿي بيهي احتجاج ڪيو ۽ اسپيڪر ڊائيس جو گهيرو ڪيو، گوڙ ۾ قرارداد منظور ڪئي وئي،بلوچستان اسيمبلي ۾ به مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو