عمران خان پاران شير افضل مروت کان ملاقات ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين لاءِ شيخ وقاص جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيئرمين پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين پي اي سي لاءِ شيخ وقاص جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ٻئي پاسي عمران خان شير افضل مروت سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر پي ٽي آءِ اڳواڻ ان ڳالهه جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب شير افضل مروت اڊيالا جيل اندر ڪانفرنس روم جي ڀر واري ڪمري ۾ پهتوهو ،ملاقاتن جي لسٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ڏني وئي جنهن کانپوءِ عمران خان شير افضل مروت سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. شير افضل مروت پنهنجي بيان جي ترديد ڪندي چيو ته سعودي عرب بابت ڏنل بيان تي عمران کيس ڇنڊ پڻ پٽي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.