اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت ڪئي، مختلف شخصيتن سان ملاقاتون ٿيون، وزيراعظم عالمي بينڪ ۽ سعودي اختيارين سان ملاقاتون ڪيون آهن، شهباز شريف وفاقي ڪابينا ۾ سعودي اختيارين جي سيڙپڪاري بابت ٿيل اڳڀرائي تي خوش آهي. پي ٽي آءِ قيادت ۽ آمريڪي سفير وچ ۾ ملاقات پرڏيهي آفيس طرفان نه ڪئي وئي. ناڻي واري وفاقي وزير ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار پرڏيهي دوري کانپوءِ پاڪستان پهچندي پرڏيهي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعودي عرب ۾ عالمي اقتصادي فورم ۽ گيمبيا جي شهر بنجول ۾ او آءِ سي جي اجلاس دوران پيش رفت کان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ ايران گئس پائيپ لائين تي آمريڪا يا سعودي عرب کي تحفظات آهن اهو اسان جو مسئلو ناهي، اسان جو مسئلو پنهنجي اندروني مسئلن کي ڏسڻ جو آهي، ان تي ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪنداسين. پاڪستان ۽ ايران گئس پائيپ لائين تي ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪندا، پاڪستان ايران گئس پائيپ لائين هر صورت ۾ مڪمل ٿيندي ۽ شهباز شريف حڪومت ان منصوبي جي منظوري ڏيندي.