آبادگارن کي بارداڻو نه ڏيڻ تي توهين عدالت ڪارروائي جي هدايت

سکر(رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ آبادگارن کي بارداڻو نه ڏيڻ واري ڪيس ۾ هالاڻي جي فوڊ انسپيڪٽر کي گرفتار ڪرائي ورتو عدالت عملدارن کي  بارداڻو نه ڏيڻ تي توهين عدالت جي ڪارروائي هلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي سکر، خيرپور، گهوٽڪي ۽ نوشهرفيروز جي آبادگارن کي بارداڻو نه ڏيڻ واري ڪيس جي سنڌهاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس محمد عبدالرحمان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران ڊي ايف سي سکر جڳديش ڪمار، ڊي ايف سي خيرپور حاڪم مهر، ڊي ايف سي گهوٽڪي اختر بوزدار ۽ ٻيا فوڊ انسپيڪٽر پيش ٿيا، ان موقعي تي آبادگارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي چئن ضلعن سکر، خيرپور، گهوٽڪي ۽ نوشهرفيروز جي خوراڪ کاتي جا ڊي ايف سيز ۽ اسپيڪٽر آبادگارن کي بارداڻو نٿا ڏين ڪڻڪ خراب پئي ٿئي بارداڻو واپارين کي وڪرو ڪيو ويو آهي، عدالتي حڪم کي عملدار نٿا مڃين جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ريماڪس ۾ چيو ته آبادگارن جي ڪڻڪ خراب پئي ٿئي واپارين جا نالا ٻڌايا وڃن انهن کي اسين پاڻ گهرائي سزا ڏينداسين پوءِ  بارداڻو خريد نه ڪندا جڏهن ته ماڻهن کي 20 هزار ٻوريون ڏيندڙ هالاڻي جي انسپيڪٽر نبي بخش لغاري کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪرائي 2 ڪلاڪ حراست ۾ ويهاريو ويو، بعد ۾ عدالت سندس معافي واري درخواست تي فوڊ انسپيڪٽر نبي بخش لغاري کي آزاد ڪندي سکر. گهوٽڪي. خيرپور ۽ نوشهرفيروز جي   آبادگارن کي 3 وڳي تائين بارداڻو ڏيڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي  ته عدالتي حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي خوراڪ کاتي جي چئني ضلعن جي عملدارن خلاف توهين عدالت جي 15 مئي تي ڪاروائي هلائي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.