آمريت خلاف جدوجهد ۾ جيل ڀوڳيندڙ ۽ ڪوڙا کائيندڙ صحافي تاريخ هميشه ياد رکيا ويندا: شازيه مري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صحافت جي آزادي جي عالمي ڏهاڙي تي پيپلزپارٽي جي مرڪزي ترجمان شازيا مري صحافت جي آزادي لاءِ جاکوڙيندڙ سڀني صحافين کي سلام پيش ڪيو آهي.
سندس چوڻ آهي ته ڏکين مرحلن باوجود پاڪستان جي صحافين حق ۽ سچ جو علم بلند رکيو، سلام آهي انهن صحافين کي جن آمراڻي دور ۾ سچ لکڻ تي ڪوڙا کاڌا. آمريت خلاف جدوجهد ۾ جيل ڀوڳيندڙ ۽ ڪوڙا کائيندڙ صحافين کي تاريخ هميشه ياد رکندي.
شازيا مري چيو ته اظهار جي آزادي ۽ صحافين جي جائز حقن تي پيپلزپارٽي جو موقف هميشه هڪ رهيو آهي ته اظهار جي آزادي تي ڪا سوديبازي برداشت ناهي.
پيپلزپارٽي ڏکئي وقت ۾ صحافي ڀائرن ۽ ڀينرن سان بيٺل رهي آهي ۽ بيٺل رهندي……

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.