اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽون نه ملڻ جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي ويو.
سني اتحاد ڪائونسل جي اپيل تي ٻڌڻي 8 مئي تي ٿيندي، سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي.
جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي ڪندا.
ياد رهي ته 4 مارچ تي اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون الاٽ ڪرڻ جون درخواستون رد ڪيون هيون.
You might also like